واشنگٽن: برطانيھ جي بادشاھھ پنھنجي پھرئين سرڪاري دوري تي گھرواري ڪاميلھ چارلس سان گڏ آمريڪا پھچي ويو جتي سندس استقبال ڪيو ويو. عالمي نيوز اداري مطابق برطانوي شاھي جوڙي جو خصوصي طيارو واشنگٽن جي ويجھو جوائنٽ بيس اينڊريوز تي لٿو جتي اعليٰ آمريڪي عملدارن شھزادھ چارلس جو استقبال ڪيو. برطانوي شاھ چارلس جو آمريڪا جو […]
...لائيو ڪوريج
لائیو برطانوي بادشاھ چارلس ٽيون گھرواري سميت آمريڪا پھچي ويو، صدر ٽرمپ سان ملاقات
واشنگٽن: برطانيھ جي بادشاھھ پنھنجي پھرئين سرڪاري دوري تي گھرواري ڪاميلھ چارلس سان گڏ آمريڪا پھچي ويو جتي سندس استقبال ڪيو ويو.
عالمي نيوز اداري مطابق برطانوي شاھي جوڙي جو خصوصي طيارو واشنگٽن جي ويجھو جوائنٽ بيس اينڊريوز تي لٿو جتي اعليٰ آمريڪي عملدارن شھزادھ چارلس جو استقبال ڪيو.
برطانوي شاھ چارلس جو آمريڪا جو اھو چئن ڏينھن وارو دورو آھي ۽ بادشاھ طور سندس اھو پھريون دورو آھي جنھن جو مقصد برطانيھ ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعلقات کي مضبوط بڻائڻ آھي جيڪي تازن ڏينھن ۾ ڇڪتاڻ جو شڪار رھيا آھن.
برطانيھ جي بادشاھ ۽ ملڪھ جي ان دوري دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گھرواري سان بھ ملاقات ٿي، ان دوري ۾ وائٽ ھائوس ۾ تقريب سميت ٻيون اھم ملاقاتون بھ شامل آھن.
لائیو آمريڪي صدر ڳالھين جي درخواست ڪئي آھي: ايراني پرڏيھي وزير، آمريڪي صدر ايران جي تجويزن مان خوش ناھي: آمريڪي عھديدار جي دعويٰ
ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي دعويٰ ڪئي آھي تھ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڳالھين جي درخواست ڪئي آھي، ايران ان درخواست تي غور ڪري رھيو آھي.
پنھنجي بيان ۾ ھن چيو تھ ڊونلڊ ٽرمپ ڳالھين جي درخواست ان لاءِ ڪري رھيو آھي ڇو تھ آمريڪا ايران تي مسلط ڪيل جنگ ۾ پنھنجا ڪي بھ مقصد حاصل نھ ڪري سگھيو.
ان کان اڳ روس بھ آمريڪا ايران تڪرار ۾ ثالثي جي پيشڪش ڪئي ھئي، ماسڪو ۾ صدر ولاديمير پيوٽن ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان ملاقات بعد چيو روس خطي جي ملڪن ۽ خاص طور تي ايران جي مفادن ۾ جيڪو ممڪن ٿيو ڪندو.
روسي صدر جو چوڻ ھو تھ روس ۽ ايران جي وچ ۾ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري جاري رھندي.
ايراني پرڏيھي وزير ان موقعي تي چيو تھ روس ايران تعلقات اسٽريٽيجڪ ڀائيواري تي ٻڌل آھي جيڪا وڌيڪ مضبوط ٿيندي رھندي. عباس عراقچي ايران جي حمايت تي روسي صدر جا ٿورا بھ مڃيا.
ھوڏانھن آمريڪي عھديدار دعويٰ ڪئي آھي تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي نين تجويزن مان خوش ناھي.
برطانوي نيوز ايجنسي آمريڪي عھديدار جو حوالو ڏيندي چيو تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي نين تجويزن مان خوش ناھي ڇو تھ ان ۾ ايران جي جوھري پروگرام بابت ڪا بھ واضح ڳالھھ شامل ناھي.
ياد رھي تھ ايران پاڪستان جي ذريعي آمريڪا کي نيون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آھن، انھن تجويزن ۾ پھريان جنگبندي ۽ پوءِ مستقل جنگبندي جي ضمانت شامل آھي.
ايران آبناءِ ھرمز کولڻ جي پيشڪش آمريڪي ناڪابندي جي خاتمي سان مشروط ڪئي آھي ۽ چيو آھي تھ اھو سڀ ٿي وڃي تھ پوءِ ايراني ايٽمي پروگرام تي ڳالھيون ٿينديون جڏھن تھ آمريڪا کي پرامن مقصدن لاءِ يورينيم افزودگي جو ايراني حق تسليم ڪرڻو پوندو.
ٻئي طرف صدر ٽرمپ چيو آھي تھ ايران ايٽمي ھٿيار نھ ڇڏيا تھ گڏجي ويھڻ جو فائدو ناھي، ايران چاھي تھ فون ڪري وٺي، اسان جون فون لائنز تمام محفوظ آھن.
لائیو پاڪستان جو اسٽريٽيجڪ پيٽروليم ذخيرا 90 ڏينھن ۾ تائين وڌائڻ جو منصوبو
اسلام آباد: پاڪستان اسٽريٽيجڪ پيٽروليم ريزروز قائم ڪرڻ جي منصوبي تي اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن جو مقصد 90 ڏينھن تائين ٻارڻ جا ذخيرا تيار ڪرڻ آھي.
اھو قدم آبناءِ ھرمز ۾ ممڪنھ عدم استحڪام سبب تيل جي سپلاءِ ۾ خلل جي خدشن کي نظر ۾ رکندي کنيو پيو وڃي، جيڪو عالمي سطح تي تيل جي ترسيل جو ھڪ اھم رستو آھي. اھا اڳڀرائي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي خلاف تازي عسڪري ڇڪتاڻ بعد سامھون آئي آھي، جنھن عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال کي وڌائي ڇڏيو آھي.
منصوبي تحت حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رھي آھي جيڪڏھن في ليٽر 10 رپيا ليوي لڳائي وڃي تھ عملدارن موجب سالياڻو لڳ ڀڳ 20 ارب ليٽر کپت جي حساب سان اھو قدم ھر سال لڳ ڀڳ 200 ارب گڏ ڪري سگھي ٿو.
ٽن سالن ۾ اھا رقم لڳ ڀڳ 600 ارب رپيا (2 ارب ڊالر کان وڌيڪ) تائين پھچي سگھي ٿي، جنھن کي اسٽريٽيجڪ ذخيرن جي تعمير لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
اسرائيل سان ڳالھيون گناھ آھي، اھي لبنان کي غير مستحڪم ڪري ڇڏينديون: حزب اللھ سربراھ
لبناني تنظيم حزب اللھ جي سربراھ نعيم قاسم جو چوڻ آھي تھ اسرائيل سان ڳالھھ ٻولھھ گناھ آھي، اھي لبنان کي غير مستحڪم ڪري ڇڏينديون.
پرڏيھي نيوز ايجنسي مطابق ھڪ بيان ۾ حزب اللھ جي سربراھ نعيم قاسم چيو آھي تھ اسرائيل سان سڌي ريت ڳالھين کي رد ڪريون ٿا.
ھن چيو آھي تھ عملدارن کي سڌي ريت ڳالھين کان روڪي اڻ سڌي ڳالھين جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي، مزاحمت جاري ۽ مضبوط آھي، ان کي شڪست نٿي ڏئي سگھجي.
حزب اللھ جي سربراھ نعيم قاسم جو چوڻ آھي تھ پنھنجا ھٿيار ڦٽا نھ ڪنداسين، لبنان ۽ ان جي عوام جي دفاع لاءِ مزاحمت جاري رکنداسين، چاھي دشمن ڪيتريون بھ ڌمڪيون ڏئي، نھ پوئتي ھٽنداسين، نھ جھڪنداسين ۽ نھ ئي شڪست کائينداسين.
پاڪستان جو دورو نھايت مفيد رھيو، حالتن ۽ واقعن جو جائزو ورتو ويو: عراقچي
تھران: ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي تھ پاڪستان جو تازو دورو بھ نھايت مفيد رھيو آھي، اڄ پيوٽن سان لاقات ۾ جنگ جي تازھ صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.
ايراني ميڊيا سان ڳالھائيندي عباس عراقچي جو چوڻ ھو تھ روسي صدر پيوٽن سان ملاقات جنگ صورتحول تي خيالن جي ڏي وٺ جو ھڪ اھم موقعو ھوندي، دورو تھران ۽ ماسڪو وچ ۾ ويجھي مشاورت کي جاري رکڻ لاءِ آھي.
عباس عراقچي جو چوڻ آھي تھ اڄ ٿيندڙ ملاقات ۾ جنگ جي تازي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو، ٻنھي ملڪن وچ ۾ ھم آھنگي ھن وقت انتھائي اھميت اختيار ڪري چڪي آھي.
ايراني پرڏيھي وزير ٻڌايو تھ تازو پاڪستان جو دورو بھ نھايت مفيد رھيو، پاڪستان سان ممڪنھ ڳالھين تي تفصيلي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، السام آباد ۾ ماضي جي واقعن ۽ موجودھ حالتن جو جائزو ورتو ويو.
عباس عراقچي چيو تھ عماني عملدار سان آبناءِ ھرمز جي حوالي سان اھم مشاورت ڪئي وئي، ايران ۽ عمان اھم آبي گذرگاھھ جي ساحلي ملڪ ھئڻ جي ڪري ويجھا رابطا ضروري سمجھن ٿا.
ھن اھو بھ چيو تھ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ان معاملي تي اعليٰ سطحي ھم آھنگي موجود آھي، ايران ۽ عمان ماھرن جي سطح تي مشاورت جاري رکڻ تي بھ اتفاق ڪيو آھي.
ايران آبناءِ ھرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نيون تجويزون آمريڪا کي پيش ڪري ڇڏيون
تھران: آمريڪا سان جاري ڇڪتاڻ دوران ايران آبناءِ ھرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نيون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آھن جن ۾ جوھري ڳالھين کي بعد واري مرحلي تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي آھي.
آمريڪي عملدار ۽ باخبر ذريعن موجب اھا تجويز اھڙي وقت سامھون آئي آھي جڏھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ سفارتي تعطل برقرار آھي ۽ ايراني قيادت اندر ان ڳالھھ تي اختلاف ڏٺو وڃي ٿو تھ جوھري پروگرام بابت ڪنھن حد تائين رعايت ڏني وڃي.
ايراني تجويز جو مقصد ان حساس معاملي کي في الحال پوئتي ڌڪيي فوري طور تي ڪنھن معاھدي تائين پھچڻ آھي، تجزيھ ڪارن مطابق جيڪڏھن ناڪھ بندي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جنگ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي اھا اھم سفارتي برتري وڃائي سگھي ٿو جنھن ذريعي ھو ايران کي افزودھ يورينيم جا ذخيرا ختم ڪرڻ ۽ روينيم جي افزودگي روڪڻ تي راضي ڪرڻ چاھيو ٿي.
ذريعن مطابق ٽرمپ اڄ ايران جي صورتحال تي وائٽ ھائوس جي سچوئيشن روم ۾ اعليٰ قومي سلامتي ۽ پرڏيھي پاليسي ٽيم سان اھم اجلاس ڪندو جنھن ۾ ڳالھين جي تعطل ۽ آئندھ جي لائحھ عمل تي غور ڪيو ويندو، نئين ايراني تجويز پاڪستاني ثالثن جي ذريعي آمريڪا تائين پھچائي وئي آھي، ان ۾ پھريان آبناءِ ھرمز جي بحران ۽ آمريڪي ناڪابندي جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي آھي.
ان تحت يا تھ جنگبندي کي ڊگھي مدي لاءِ وڌايو ويندو يا جنگ جي مستقل خاتمي تي اتفاق ڪيو ويندو، جڏھن تھ جوھري ڳالھيون بعد ۾ شروع ڪيون وينديون، وائٽ ھائوس ان تجويز جي وصولي جي تصديق ڪئي آھي، جڏھن تھ اھو واضح ناھي تھ آمريڪا ان تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آھي يا نھ.