اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ بجلي چوري وارن علائقن ۾ ٽرانسفارمر بند ڪرڻ جي سهولت وارو اليڪٽرانڪ پاور مانيٽرنگ سسٽم (اي پي ايم ايس) لڳايو پيو وڃي، جنهن سان انهن علائقن ۾ ٻين بجلي بل ادا ڪندڙ صارفين کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهبو.
ڊي جي خان ايئرپورٽ جي توسيعي منصوبي جي دوري دوران ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته ايئرپورٽ کي عالمي اڏامن لاءِ اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. هن منصوبي تي ساڍا 5 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ اهو جنوري 2028ع ۾ مڪمل ٿيندو.
وفاقي وزير موجب، ڊي جي خان ۾ وزيراعظم پاران اعلان ڪيل چئن وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، جن ۾ ڪينسر اسپتال، نيڪال واري نظام ۽ روڊن کي ويڪرو ڪرڻ جا منصوبا پڻ شامل آهن.
اويس لغاري چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ مقرر ڪيل منصوبي تحت ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 30 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ لائين لاسز وارن فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جاري رهندي.
هن چيو ته صارفين کي ڳرن بلن کان بچايو ويو آهي، پر بجلي چوري ڪندڙن ۽ بل ادا نه ڪندڙن کي رليف نه ڏنو ويندو.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي جنگ سبب گئس جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري بجلي جي پيداوار مهانگي ٿي رهي آهي. هن موجب، اي پي ايم ايس ذريعي بجلي چوري وارن علائقن جا لاڳاپيل ٽرانسفارمر بند ڪري سگهبا، جڏهن ته ساڳئي فيڊر تي موجود ٻين صارفين کي ان سبب متاثر ٿيڻ کان بچايو ويندو.