اسلام آباد: پاڪستان اسٽريٽيجڪ پيٽروليم ريزروز قائم ڪرڻ جي منصوبي تي اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن جو مقصد 90 ڏينھن تائين ٻارڻ جا ذخيرا تيار ڪرڻ آھي. اھو قدم آبناءِ ھرمز ۾ ممڪنھ عدم استحڪام سبب تيل جي سپلاءِ ۾ خلل جي خدشن کي نظر ۾ رکندي کنيو پيو وڃي، جيڪو عالمي سطح تي […]

...

لائيو ڪوريج

28 اپريل 2026

لائیو پاڪستان جو اسٽريٽيجڪ پيٽروليم ذخيرا 90 ڏينھن ۾ تائين وڌائڻ جو منصوبو

اسلام آباد: پاڪستان اسٽريٽيجڪ پيٽروليم ريزروز قائم ڪرڻ جي منصوبي تي اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن جو مقصد 90 ڏينھن تائين ٻارڻ جا ذخيرا تيار ڪرڻ آھي.

اھو قدم آبناءِ ھرمز ۾ ممڪنھ عدم استحڪام سبب تيل جي سپلاءِ ۾ خلل جي خدشن کي نظر ۾ رکندي کنيو پيو وڃي، جيڪو عالمي سطح تي تيل جي ترسيل جو ھڪ اھم رستو آھي. اھا اڳڀرائي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي خلاف تازي عسڪري ڇڪتاڻ بعد سامھون آئي آھي، جنھن عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال کي وڌائي ڇڏيو آھي.

منصوبي تحت حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رھي آھي جيڪڏھن في ليٽر 10 رپيا ليوي لڳائي وڃي تھ عملدارن موجب سالياڻو لڳ ڀڳ 20 ارب ليٽر کپت جي حساب سان اھو قدم ھر سال لڳ ڀڳ 200 ارب گڏ ڪري سگھي ٿو.

ٽن سالن ۾ اھا رقم لڳ ڀڳ 600 ارب رپيا (2 ارب ڊالر کان وڌيڪ) تائين پھچي سگھي ٿي، جنھن کي اسٽريٽيجڪ ذخيرن جي تعمير لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

27 اپريل 2026

اسرائيل سان ڳالھيون گناھ آھي، اھي لبنان کي غير مستحڪم ڪري ڇڏينديون: حزب اللھ سربراھ

لبناني تنظيم حزب اللھ جي سربراھ نعيم قاسم جو چوڻ آھي تھ اسرائيل سان ڳالھھ ٻولھھ گناھ آھي، اھي لبنان کي غير مستحڪم ڪري ڇڏينديون.

پرڏيھي نيوز ايجنسي مطابق ھڪ بيان ۾ حزب اللھ جي سربراھ نعيم قاسم چيو آھي تھ اسرائيل سان سڌي ريت ڳالھين کي رد ڪريون ٿا.

ھن چيو آھي تھ عملدارن کي سڌي ريت ڳالھين کان روڪي اڻ سڌي ڳالھين جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي، مزاحمت جاري ۽ مضبوط آھي، ان کي شڪست نٿي ڏئي سگھجي.

حزب اللھ جي سربراھ نعيم قاسم جو چوڻ آھي تھ پنھنجا ھٿيار ڦٽا نھ ڪنداسين، لبنان ۽ ان جي عوام جي دفاع لاءِ مزاحمت جاري رکنداسين، چاھي دشمن ڪيتريون بھ ڌمڪيون ڏئي، نھ پوئتي ھٽنداسين، نھ جھڪنداسين ۽ نھ ئي شڪست کائينداسين.

27 اپريل 2026

پاڪستان جو دورو نھايت مفيد رھيو، حالتن ۽ واقعن جو جائزو ورتو ويو: عراقچي

تھران: ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي تھ پاڪستان جو تازو دورو بھ نھايت مفيد رھيو آھي، اڄ پيوٽن سان لاقات ۾ جنگ جي تازھ صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.

ايراني ميڊيا سان ڳالھائيندي عباس عراقچي جو چوڻ ھو تھ روسي صدر پيوٽن سان ملاقات جنگ صورتحول تي خيالن جي ڏي وٺ جو ھڪ اھم موقعو ھوندي، دورو تھران ۽ ماسڪو وچ ۾ ويجھي مشاورت کي جاري رکڻ لاءِ آھي.

عباس عراقچي جو چوڻ آھي تھ اڄ ٿيندڙ ملاقات ۾ جنگ جي تازي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو، ٻنھي ملڪن وچ ۾ ھم آھنگي ھن وقت انتھائي اھميت اختيار ڪري چڪي آھي.

ايراني پرڏيھي وزير ٻڌايو تھ تازو پاڪستان جو دورو بھ نھايت مفيد رھيو، پاڪستان سان ممڪنھ ڳالھين تي تفصيلي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، السام آباد ۾ ماضي جي واقعن ۽ موجودھ حالتن جو جائزو ورتو ويو.

عباس عراقچي چيو تھ عماني عملدار سان آبناءِ ھرمز جي حوالي سان اھم مشاورت ڪئي وئي، ايران ۽ عمان اھم آبي گذرگاھھ جي ساحلي ملڪ ھئڻ جي ڪري ويجھا رابطا ضروري سمجھن ٿا.

ھن اھو بھ چيو تھ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ان معاملي تي اعليٰ سطحي ھم آھنگي موجود آھي، ايران ۽ عمان ماھرن جي سطح تي مشاورت جاري رکڻ تي بھ اتفاق ڪيو آھي.

27 اپريل 2026

ايران آبناءِ ھرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نيون تجويزون آمريڪا کي پيش ڪري ڇڏيون

تھران: آمريڪا سان جاري ڇڪتاڻ دوران ايران آبناءِ ھرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نيون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آھن جن ۾ جوھري ڳالھين کي بعد واري مرحلي تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي آھي.

آمريڪي عملدار ۽ باخبر ذريعن موجب اھا تجويز اھڙي وقت سامھون آئي آھي جڏھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ سفارتي تعطل برقرار آھي ۽ ايراني قيادت اندر ان ڳالھھ تي اختلاف ڏٺو وڃي ٿو تھ جوھري پروگرام بابت ڪنھن حد تائين رعايت ڏني وڃي.

ايراني تجويز جو مقصد ان حساس معاملي کي في الحال پوئتي ڌڪيي فوري طور تي ڪنھن معاھدي تائين پھچڻ آھي، تجزيھ ڪارن مطابق جيڪڏھن ناڪھ بندي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جنگ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي اھا اھم سفارتي برتري وڃائي سگھي ٿو جنھن ذريعي ھو ايران کي افزودھ يورينيم جا ذخيرا ختم ڪرڻ ۽ روينيم جي افزودگي روڪڻ تي راضي ڪرڻ چاھيو ٿي.

ذريعن مطابق ٽرمپ اڄ ايران جي صورتحال تي وائٽ ھائوس جي سچوئيشن روم ۾ اعليٰ قومي سلامتي ۽ پرڏيھي پاليسي ٽيم سان اھم اجلاس ڪندو جنھن ۾ ڳالھين جي تعطل ۽ آئندھ جي لائحھ عمل تي غور ڪيو ويندو، نئين ايراني تجويز پاڪستاني ثالثن جي ذريعي آمريڪا تائين پھچائي وئي آھي، ان ۾ پھريان آبناءِ ھرمز جي بحران ۽ آمريڪي ناڪابندي جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي آھي.

ان تحت يا تھ جنگبندي کي ڊگھي مدي لاءِ وڌايو ويندو يا جنگ جي مستقل خاتمي تي اتفاق ڪيو ويندو، جڏھن تھ جوھري ڳالھيون بعد ۾ شروع ڪيون وينديون، وائٽ ھائوس ان تجويز جي وصولي جي تصديق ڪئي آھي، جڏھن تھ اھو واضح ناھي تھ آمريڪا ان تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آھي يا نھ.

27 اپريل 2026

ٽرمپ جي موجودگي ۾ پريس ڊنر دوران فائرنگ جو واقعو، جوابدار تي اڄ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ ھڪ مانجھاندي دوران فائرنگ جي واقعي بعد قائم مقام آمريڪي اٽارني جنرل ٻڌايو تھ حملھ آور جو ممڪنھ ھدف آمريڪي صدر ھو.

ھن چيو تھ لڳي ٿو تھ جوابدار اڪيلي ڪارروائي ڪئي ۽ ھو ھوٽل ۾ ئي رھندو ھو ۽ حڪومتي عھديدارن کي نشانو بڻائڻ چاھيو ٿي.

قائم مقام آمريڪي اٽارني جنرل ٻڌايو تھ جوابدار جاچ ۾ تعاون نھ ڪري رھيو آھي، اڄ سومر ڏينھن مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

آمريڪي ميڊيا مطابق حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ڪيلي فورنيا سان تعلق رکندڙ 31 سالن جي Cole Tomas Allen طور ٿي، مبينھ حملھ آور عملدارن کي ٻڌايو تھ ھو ٽرمپ انتظاميھ جي عھديدارن کي نشانو بڻائڻ چاھي پيو.

واشنگٽن جي ميئر جو چوڻ آھي تھ واحد ھٿياربند شخص لابي ۾ سيڪريٽ سروس طرف وڌيو تھ ھڪ اھلڪار کيس روڪيو.

واشنگٽن پوليس چيف جو چوڻ آھي تھ ھوٽل جي ويڊيو جو جائزو ورتو ويندو تھ حملھ آور ھٿيار سان اندر ڪيئن داخل ٿيو، مبينھ حملھ آور وٽ ھڪ شاٽ گن، ھڪ ھينڊ گن ۽ ڪيترائي چاقو ھئا.

ٻئي طرف ايف بي آءِ طرفان ڪيليفورنيا جي علائقي ٽورينس ۾ گرفتار جوابدار جي گھر ۽ آسپاس ۾ تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آھي.

ھوڏانھن وائٽ ھائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ جو ٽرمپ جي موجودگي ۾ ھڪ مانجھاندي دوران فائرنگ جي اوقعي کان اڳ ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽس مطابق وائٽ ھائوس جي رپورٽرن جي سالياڻي مانجھاندي کان ڪجھھ منٽ پھريان ڪيرولين ليويٽ صحافين سان ڳالھھ ٻولھھ ۾ چيو ھو تھ تقريب دوران ڪجھھ گوليون ھلنديون.

ڪيرولين ليوٽ جو اھو جملو صدر ٽرمپ جي جارحاڻي ۽ طنزيھ اندازِ تقرير جي وضاحت لاءِ استعمال ڪيو ويو ھو، بعد ۾ اھو ئي لفظ تقريب ۾ فائرنگ جي واقعي کان پوءِ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.

27 اپريل 2026

سامونڊي قذاقن جو جھاز تي قبضو: مغوي پاڪستانين جو حڪومت کان فوري مدد جو مطالبو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سامونڊي جھاز آنر 25 تي صومالي قذاقن جي قبضي کانپوءِ 11 پاڪستاني يرغمال آھن، جن جي وارثن حڪومت کان فوري مدد جو مطالبو ڪيو آھي.

متاثر خاندانن جو چوڻ آھي تھ قذاقن جي قبضي کانپوءِ رابطو ختم ٿي چڪو آھي، جھاز عمان کان فجيرھ وڃي رھيو ھو، رستي ۾ اغوا ٿيو، حڪومت طرفان اڃا تائين ڪا بھ مدد ناھي ملي، سنڌ جي گورنر فون تي رابطو ڪري تعاون جو يقين ڏياريو.

مغوين جي وارثن ٻڌايو تھ امن شمس ٻن ٻارڙن جو پيءُ آھي، سندس ٽن سالن جي ڌيءَ ۽ چئن مھينن جو پٽ آھي، مغوي سيد ڪاشف چئن ٻارن جو والد آھي، مغوي عمران جون ٻھ نياڻيون جڏھن تھ حسين جا 3 ٻار آھن، مغوي جو 9 سالن جو ٻار شبير بھ والد جي آمد جو منتظر آھي.

ياد رھي تھ آنر 25 نالي جھاز تي سامونڊي قذاقن 21 اپريل تي حملو ڪيو ۽ ان کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جھاز جي عملي ۾ 11 پاڪستاني بھ شامل آھن.

ذريعن جو چوڻ آھي تھ سامونڊي معاملن واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف پورٽ جو پاڪستاني ڪريو سان رابطو نھ ٿي سگھيو جڏھن تھ جھاز تي پھچندڙ ايجنسي بھ خاموش آھي.

متاثر خاندان ٻڌايو تھ انڊونيشين ڪيپٽن جي آزادي لاءِ انڊونيشيا قذاقن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪري رھيو آھي، حڪومت کان مطالبو آھي تھ پاڪستاني عملي جي حفاظت سان واپسي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.