اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ لاءِ جاري ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته آمريڪا پاڪستان جي زرعي شين، معدنيات، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بئڪر ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ صنعت بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان ۽ واپار واري سيڪريٽري جواد پال پڻ شرڪت ڪئي.
واپار واري سيڪريٽري جواد پال ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ تجويز ڪيل واپاري معاهدي بابت ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پر معاهدي جي ڪجهه فني شقن تي آمريڪي واپاري نمائندي جي آفيس سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه گهربل آهي.
ملاقات ۾ پاڪستاني انبن ۽ کجين کي آمريڪي مارڪيٽ تائين رسائي ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو. پاڪستاني انبن جي برآمد لاءِ آمريڪي معائني واري ٽيمن جا دورا تيز ڪرڻ ۽ بلوچستان جي کجين کي آمريڪي منڊيءَ تائين رسائي ڏيارڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. آمريڪي وفد ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ان کان علاوه، آمريڪا مان ڪپهه ۽ سويابين جي درآمد وڌائڻ، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، فوڊ پروسيسنگ ۽ ڪولڊ چين جي ترقيءَ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي کين 23 کان 26 نومبر تائين ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ فوڊ ايگ 2026 نمائش ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. هن بلوچستان ۾ کجين، زيتون جي تيل ۽ ٻين زرعي شين جي قدر وڌائڻ لاءِ موجود موقعن کي به اجاگر ڪيو.
ملاقات دوران معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، فني سهڪار ۽ هنرمند افرادي قوت جي تربيت بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تي آمريڪي وفد پاڪستان جي معدنياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنيڪي سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
ڄام ڪمال خان حب، بلوچستان کي صنعتي سيڙپڪاري، پيداواري سرگرمين ۽ خصوصي اقتصادي زونن لاءِ اهم هنڌ قرار ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان ۽ وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين زميني واپاري رستن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ بهتر لاجسٽڪس جي ضرورت تي پڻ غور ڪيو ويو.
ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن واپاري ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ، مارڪيٽن تائين رسائيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.