لائیو سعودي سفير جي عاصم منير سان ملاقات، مڪہ گڏيل دفاعي معاهدي بابت ڪهڙيون اهم ڳالهيون ٿيون؟

فہرستِ مضامین

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، نئين مقرر ٿيل سعودي سفير ڊاڪٽر راجح بن طامي البقمي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي.

پاڪستان فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن مڪہ گڏيل دفاعي معاهدي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته دفاعي سهڪار، ادارن وچ ۾ رابطن ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.

سعودي سفارتخاني موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي، باهمي اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ واري عزم جو اظهار ڪيو.

ملاقات دوران سعودي سفير پاڪستان جي حڪومت، هٿياربند فوجن ۽ عوام پاران سعودي عرب لاءِ ڀائراڻي حمايت تي ٿورا پڻ مڃيا.

واضح رهي ته آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڳ ۾ چيو هو ته پاڪستان سعودي عرب کي ضروري فوجي سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ تي ڪنهن به حملي کي روڪڻ لاءِ موجود سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں