لائیو پي ٽي آءِ تي پابندي جو اشارو، 8 ايم اين ايز گم، سهيل آفريدي ڪٿي آهي؟ محمود اچڪزئي جا سوال

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ آئين ۾ گنجائشون موجود هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي 8 ايم اين ايز جي گمشدگي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير بابت سوال اٿاريندي ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته آئين ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪيتريون ئي گنجائشون موجود آهن، پر سياسي حڪومت هجڻ باوجود حڪومت اهڙو قدم کڻڻ نٿي چاهي. هن چيو ته حڪومت گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ به نه پئي چاهيو، جڏهن ته سندس دعويٰ هئي ته گذريل 14 سالن دوران پي ٽي آءِ دهشتگردي کي سنجيده مسئلو نه سمجهيو.

طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت جا سمورا اختيار اڊيالا جيل، بني گالا يا مراد سعيد جي هٿن ۾ ڏنا ويندا ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا.

ٻئي پاسي، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته اٺ ايم اين ايز گم آهن، ٻڌايو وڃي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڪٿي آهي؟ هن شڪايت ڪئي ته کين ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو به نٿو ڏنو وڃي ۽ حڪومت کان سندن مطالبو رڳو آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.

هوڏانهن وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ملاقات ذريعي آئيني ذميواريون مڪمل ٿيڻيون آهن. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم هائوس شهباز شريف جو ذاتي گهر نه، پر رياستي گهر آهي، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي سان ملاقات سندس ذاتي حيثيت ۾ نه، پر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي آئيني عهدي جي حوالي سان ٿيڻ گهرجي.

اهڙي ريت، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت حڪومتي بيانن، ايم اين ايز جي گمشدگي بابت سوالن ۽ آزاد چونڊن جي مطالبي سبب ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں