حڪمرانو دل وڏي ڪيو، حالتن جي تبديلي لاءِ ملاقات جي خيرات گھران ٿو: بئريسٽر گوھر خان

فہرستِ مضامین

پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوھر خان جو چيو آھي تہ ھر اڱاري تي هتي ايندو آهيان، پر افسوس سان ملاقات جي اجازت ناھي ملندي، حالتون تبديل ڪرڻ ڪرڻ لاءِ ملاقات جي خيرات گھرندو آھيان، 2025 گذري ويو، هاڻي تہ حالتون تبديل ٿيڻ گھرجن.

اڊيالا جيل ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو تہ پي ٽي آءِ پنھنجي جاءِ تي پر ڳالھيون بہ ٿيڻ گھرجن، حالتون جھڙي گهرج ڪري رھيون آھن اھڙيون ڳالھيون نہ پيون ٿين.

بئرسٽر گوھر چيو تہ حڪمرانن کان درخواست آهي تہ حالتن جي نوعيت کي ڏسندي دل وڏي ڪريو ۽ ھن ملڪ جي قوم جي ٻارن تي رحم ڪريو۔

ھن چيو تہ اسان لاءِ سسٽم رڪجي ويو آھي، نہ رڪجي ھا تہ روز ھتي بيٺا نہ ھجون ھا، عدالتي آرڊر ايس او پيز تحت جاري آھن، طريقو ڪڍو جنھن سان حالتون بھتر ٿين.

بئريسٽر گوھر چيو تہ ھن سال پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 2 -2 ڀيرا سزائون مليون،سال 2025 ۾ دشمن سان جنگبندي ٿي پر اسان جو پاڻ ۾ تڪرار گھٽ نہ ٿيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ ھو تہ افسوس سان 2026 ۾ داخل ٿي رھيا آھيون ۽ لڳي ٿو ھي سال بہ سزائن جو سال ھوندو……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں