پاڪستاني ڪرڪيٽر عماد وسيم جي گهرواري نائلا راجا چيو آهي ته جيڪڏهن ٻن ماڻهن جو گڏ رهڻ قسمت ۾ نه هجي ته اھي آخرڪار هڪ ڏينهن الڳ ٿي ويندا آهن۔
نائلا راجا ان وقت خبرن جو مرڪز بڻي هئي، جڏهن سوشل ميڊيا تي سندس ۽ عماد وسيم جي لاڳاپي بابت مختلف قياس آرائيون سامهون آيون هيون۔ ان دوران ڪيترايون ئي دعوائون ڪيون ويون، پر ان وقت ٻنهي انهن خبرن جي ترديد ڪئي هئي۔ بعد ۾ عماد وسيم پنهنجي پهرين گهرواري کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ نائلا راجا سان شادي ڪري ورتي۔
ان سڄي معاملي کانپوءِ هن جوڙي کي سوشل ميڊيا تي اڪثر تنقيد جو منهن ڏسڻو پوندو آهي۔
نائلا راجا اڪثر پنهنجي مڙس عماد وسيم سان گڏ خوشگوار لمحن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي، پر سندس اڪثر پوسٽن تي صارفين طرفان تنقيدي تبصرا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن۔
تازو نائلا راجا هڪ تنقيدي تبصري جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ماڻهن جو گڏ رهڻ مقدر ۾ نه هجي ته هو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن الڳ ٿي ويندا آهن، ۽ ان جو ذميوار ڪنهن هڪ شخص کي قرار نٿو ڏئي سگهجي۔
هن وڌيڪ چيو ته سندس شادي سندس زندگيءَ جو رڳو هڪ حصو آهي، سڄي زندگي نه آهي۔
نائلا راجا جي ان جواب کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر مختلف ردِعمل سامهون آيا۔ هڪ صارف لکيو ته اها ڳالهه ته صرف توهان ئي چئي سگهو ٿا، ڇاڪاڻتہ توهان ڪنهن ٻئي جو مڙس حاصل ڪري سگهو ٿا۔ جڏهن ته هڪ ٻئي صارف تبصرو ڪيو ته اهو چوڻ ته سندن عليحدگي قسمت ۾ هئي، واقعي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي۔