ڪراچي جي علائقي ملير، کوکرا پار ۾ هڪ گهر مان ماءُ ۽ سندس 8 ورهين جي ڌيءَ جا ڦاهو لڳل لاشون هٿ آيا آهن۔
ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي صبا زال حنيف ۽ 8 ورهين جي نبيه ڌيءَ حنيف طور ٿي آهي۔
ريسڪيو ذريعن موجب اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ٻنهي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي جي سببن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف رخن کان تحقيقات جاري آهي۔
پوليس جو چوڻ آهي ته شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون آندا ويندا۔