لائیو اسرائيل طرفان ڏکڻ لبنان تي حملا جاري، ڇڪتاڻ برقرار

فہرستِ مضامین

اسرائيل ڏکڻ لبنان تي پنهنجا حملا جاري رکيو پيو اچي، جڏهن ته وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيلي فوج والاريل علائقن مان واپس نه ويندي۔

الجزيره جي رپورٽ موجب لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل جي تازي حملن ۾ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويندڙ شهرين کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ ھڪ زخمي ٿيو آهي۔

ٻئي پاسي بحرين ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ۽ خليجي اتحادي ملڪن آبنائي هرمز مان آمدرفت تي ايران طرفان ڪنهن به قسم جي فيس يا پابندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔

هوڏانهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو آهي ته بنا اجازت آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں