لائیو اسرائيلي صدر جي هيليڪاپٽر سان پکي ٽڪرائجي ويو، هنگامي لينڊنگ

فہرستِ مضامین

اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ جي هيليڪاپٽر سان هڪ پکي ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب هيليڪاپٽر کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي۔

اسرائيلي ميڊيا موجب صدر اسحاق هرزوگ والاريل بيت المقدس کان اتر اسرائيل ڏانهن وڃي رهيو هو ته اوچتو هڪ پکي سندن هيليڪاپٽر سان ٽڪرائجي ويو۔

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پکي ٽڪرائجڻ کانپوءِ حفاظتي قدمن تحت هيليڪاپٽر جي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي۔

واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته اسرائيلي صدر بعد ۾ ٻئي هيليڪاپٽر ذريعي پنهنجو سفر جاري رکيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں