لائیو آبنائي هرمز ۾ مال بردار جهاز تي حملو، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون ٻيهر وڌي ويون

فہرستِ مضامین

آبنائي هرمز ۾ هڪ مال بردار جهاز تي حملي کانپوءِ گڏيل قومن جي سامونڊي اداري ڦاٿل جهازن جي نيڪالي واري منصوبي کي عارضي طور روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون ٻيهر وڌي ويون آهن۔

برينٽ تيل جي قيمت ۾ 4 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي ۽ في بيرل قيمت 74.89 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جيڪا جنگ کان اڳ واري سطح جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔

واقعي کانپوءِ ايشيائي شيئر بازار به سخت دٻاءَ هيٺ اچي ويا آهن۔ جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وڏين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڏٺي وئي، جڏهن ته هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي مارڪيٽن ۾ به نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

واضح رهي ته آبنائي هرمز ذريعي دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ مائع قدرتي گئس (LNG) جي ترسيل ٿيندي آهي، تنهن ڪري تازي حملي کانپوءِ علائقي ۾ سامونڊي آمدرفت ۽ توانائي جي فراهمي بابت خدشا هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي ويا آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں