اٽلي، نيٽو جي سربراهه مارڪ روٽي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ايران خلاف جنگ ۾ اٽلي آمريڪا جي مدد ڪئي هئي۔
خبر ايجنسي موجب نيٽو سربراهه مارڪ روٽي جي بيان تي ردعمل ڏيندي اٽلي جي وزيراعظم جورجيا ميلوني چيو ته ايران بابت تڪرار ۾ اٽلي ڪڏهن به سڌي ريت حصو نه ورتو آهي۔
جورجيا ميلوني جو چوڻ هو ته اٽلي آمريڪي فوج کي رڳو فني (ٽيڪنيڪل) ۽ لاجسٽڪ سهولتون فراهم ڪيون هيون۔
واضح رهي ته مارڪ روٽي گذريل ڏينهن چيو هو ته ايران خلاف آپريشن “ايپڪ فيوري” دوران 500 آمريڪي جنگي جهازن اٽلي مان اڏام ڀري هئي۔