اليڪشن ڪميشن اين اي 130 ۾ نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن درست قرار ڏيندي ياسمين راشد جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي.
ڊاڪٽر ياسمين راشد نواز شريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو، جنهن تي اليڪشن ٽريبونل جي جج رانا زاهِد محمود فيصلو ٻڌايو.
فيصلي موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد جي درخواست کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي خارج ڪندي اين اي 130 تي نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن درست قرار ڏنو.
ياد رھي تہ گذريل سال فيبروي ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 ۾ نواز شريف هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو، جڏھن تہ آزاد اميدوار طور ميدان ۾ لٿل ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 ووٽ حاصل ڪيا ھئا، بعد ۾ هن نواز شريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو۔….