باجوڙ ۾ فورسز جو آپريشن، 5 دھشتگرد مارجي ويا،پاڪ فوج جو ميجر عديل زمان شھيد: آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

باجوڙ : خيبرپختونخوا جي باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پنج ڀارتي اسپانسرڊ خارجي مارجي ويا، جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڀارتي اسپانسرڊ پنج خارجي ماريا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو، سندس تعلق ڊيرا اسماعيل خا سان هو.

آءِ ايس پي آر موجب، ميجر عديل زما فرنٽ تان فوجي جوانن جي قيادت ڪئي ۽ دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي.

آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، ۽ اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪاررواين ۽ شهرين جي قتل ۾ بہ ملوث هئا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں