پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ثريا بي بي خلاف سرڪاري گاڏي واپس نه ڪرڻ جي الزام ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب، ڊپٽي ڪمشنر چترال جي فرياد تي ثريا بي بي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن سرڪاري گاڏي واپس نه ڪئي.
ٻئي طرف ڊپٽي اسپيڪر جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته کين خبر ناهي ته ثريا بي بي لانگ مارچ واري ڏينهن کان ڪٿي آهي. ذريعن موجب، اسيمبلي ميمبر چونڊجڻ تي ضلعي انتظاميا طرفان کيس سرڪاري گاڏي ڏني وئي هئي.
خانداني ذريعن دعويٰ ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر چترال جي آفيس کي ڪيترائي ڀيرا فون ڪري گاڏي واپس وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو، پر انتظاميا طرفان اڃا تائين گاڏي وٺڻ لاءِ ڪو به نه آيو آهي.