لائیو ايڪواڊور: چرچ ۾ دعائيه تقريب دوران وڏي صليب ڪرڻ سبب پادري فوت

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ايڪواڊور ۾ چرچ اندر دعا واري  تقريب دوران افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي ڀت تي لڳل ڪاٺ جي وڏي صليب اوچتو ڪري پوڻ سبب پادري حياتي وڃائي ويٺو.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب، پادري سانچيز موليناري چرچ ۾ هڪ وڏي پينٽنگ جي سامهون بيٺل هو، جنهن تي ڪاٺ جي وڏي صليب لڳل هئي. اوچتو صليب ڀت کان ڌار ٿي پادري مٿان ڪري پئي، جنهن سبب سندس موت ٿي ويو.

رپورٽ موجب، حادثي کان ڪجهه منٽ اڳ پادري انساني زندگيءَ جي عارضي هجڻ ۽ موت بابت ڳالهائيندي چيو هو ته ماڻهو پنهنجو قيمتي وقت موبائل فون اسڪرول ڪرڻ ۽ ٽيليويزن ڏسڻ ۾ گذارين ٿا، پر خدا ۽ پنهنجن ويجهن ماڻهن لاءِ تمام گهٽ وقت ڪڍن ٿا.

پادري جو چوڻ هو ته هر انسان کي هڪ ڏينهن موت اچڻو آهي، تنهنڪري خدا، ڀائرن ۽ ڀينرن، جيون ساٿي، ٻارن ۽ خاندان سان گڏ گذاريل وقت ئي سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں