لائیو عظميٰ بخاري پنجاب جي اپوزيشن ليڊر خلاف 8 ڪروڙ 40 لک رپين جي هرجاڻي جو ڪيس کٽي ورتو

فہرستِ مضامین

لاھور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري شھرت کي نقصان پھچائڻ جي دعويٰ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته لاهور جي ڊيفيميشن ٽربيونل پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر معين رياض قريشي خلاف 8 ڪروڙ 40 لک رپين جي هرجاڻي واري دعويٰ تي مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڊيفيميشن ٽربيونل موجب، معين رياض قريشي ٽي وي پروگرام ۾ عظميٰ بخاري بابت ڏنل بيانن جو اعتراف ڪيو، پر انهن الزامن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. ٽربيونل جو چوڻ هو ته معين قريشي جا وڪيل به عظميٰ بخاري جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.

عظميٰ بخاري نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڏنل بيانن جي بنياد تي ڊيفيميشن ايڪٽ تحت هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪئي هئي. معين قريشي الزام لڳايو هو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي پنجاب اسيمبلي جي دوري دوران عظميٰ بخاري 150 کان 200 پئسن تي آندل ماڻهن کي اسيمبلي ۾ داخل ڪرايو، جڏهن ته سهيل آفريدي کان سوال ڪندڙ صحافي به سندس پگهاردار ملازم هئا.

عظميٰ بخاري انهن الزامن کي ڪوڙو، من گهڙت ۽ پنهنجي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو هو.

ٽربيونل ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪيو آهي، جڏهن ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں