لائیو خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ چئلينج، سهيل آفريدي سميت اڳواڻن جي بازيابي بابت جواب طلب

فہرستِ مضامین

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي نفاذ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت وفاقي حڪومت، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته وڏي وزير سهيل آفريدي سميت اسيمبلي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جي بازيابي جا معاملا پڻ عدالت ۾ پهچي ويا آهن.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس فهيم ولي تي ٻڌل بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي نفاذ کي غيرآئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏيندي ان کي ڪالعدم ڪرڻ، چونڊيل صوبائي حڪومت جا آئيني اختيار بحال ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ خلاف مبينا انتقامي ڪارروايون روڪڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.

عدالت وفاقي حڪومت، اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻئي طرف، وڏي وزير سهيل آفريدي جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي جسٽس سيد ارشد علي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته کيس ٻن مختلف هنڌن تي رکڻ جا اطلاع آهن. عدالت حڪومت، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ان کان علاوه، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي ۽ پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر جي بازيابي لاءِ داخل درخواستن تي پڻ ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن کي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي نفاذ کانپوءِ حراست ۾ ورتو ويو، پر سندن موجودگي بابت ڪا ڄاڻ نه پئي ملي.

عدالت حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن اندر جواب طلب ڪري ورتو.

ياد رهي ته صدر آصف علي زرداري 11 آڪٽوبر تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جي سفارش تي خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي نفاذ جي منظوري ڏني هئي. وفاقي حڪومت ان قدم جو سبب دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ صوبائي حڪومت جي مبينا عدم سهڪار ۽ صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال کي قرار ڏنو هو.

پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست ۾ صدارتي اعلان، فوج جي مقرريءَ واري حڪم ۽ ان سلسلي ۾ جاري ڪيل انتظامي حڪمن کي به چئلينج ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں