انقره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب تي حوثي باغين جي وڌندڙ حملن ۽ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کانپوءِ ترڪيءَ رياض جي مدد لاءِ مختلف فوجي آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ترڪيءَ جي بچاءَ واري وزارت موجب، سعودي عرب کي ممڪن فوجي مدد ڏيڻ جو طريقو ٻنهي ملڪن جي ضرورتن، زميني صورتحال ۽ آپريشنل گهرجن کي نظر ۾ رکندي طئي ڪيو ويندو، جڏهن ته ان لاءِ پهرين قانوني ۽ آئيني مرحلا مڪمل ڪرڻ ضروري هوندا.
ترڪيءَ جي بچاءَ واري وزارت خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان سان ٿيل معاهدي تحت ممڪن فوجي سهڪار جو دائرو ترڪ پارليامينٽ جي منظوري ۽ آئيني عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ طئي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پهرين مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي پارليامينٽ مان منظوري حاصل ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ پرڏيهي ملڪ ۾ ترڪ فوج جي مقرريءَ بابت قرارداد منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب، ترڪيءَ جي اهم ترجيحن ۾ سعودي عرب جي دفاعي صلاحيت وڌائڻ، فضائي دفاعي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ فوجي لاجسٽڪ توڙي انٽيليجنس سهڪار فراهم ڪرڻ شامل آهن. انقره جو ڌيان بنيادي طور سعودي عرب جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ تي آهي، جڏهن ته حوثين خلاف سڌي فوجي ڪارروائي ڪرڻ بابت ڪو حتمي فيصلو سامهون نه آيو آهي.
ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير حقان فيدان 8 آڪٽوبر تي چيو هو ته مڪي معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي، حملي لاءِ نه. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن معاهدي جو ڪو ميمبر ملڪ حملي جو شڪار ٿئي ٿو ته ٻين ميمبرن کي ان جي دفاع لاءِ ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن اهو به واضح ڪيو هو ته ترڪي ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين تي فوج موڪلي حملي ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان پڻ 13 آڪٽوبر تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي سعودي عرب سان گڏ بيهڻ جي خاطري ڪرائي هئي. ان کان اڳ 12 آڪٽوبر تي هن چيو هو ته دفاعي معاهدو ايندڙ ڏينهن ۾ پارليامينٽ آڏو پيش ڪيو ويندو.
ٻئي طرف، سعودي عرب ۽ يمن جي وڏي حصي تي ڪنٽرول رکندڙ حوثين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ تازن هفتن دوران واڌ رپورٽ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، سعودي عرب جي توانائيءَ جي بنيادي ڍانچي ۽ هوائي اڏن کي پڻ حملن جو نشانو بڻايو ويو آهي. باب المندب واري سامونڊي گذرگاهه ۾ تيل بردار جهازن جي آمدرفت محدود ڪرڻ جي حوثين جي ڪوششن سبب تڪرار جو علائقائي ۽ عالمي پهلو به وڌيڪ نمايان ٿيو آهي.
مڪي گڏيل دفاعي اتحاد جي اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي 5 آڪٽوبر تي ٿيل اجلاس ۾ سعودي عرب کي فوري فوجي مدد فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. تنهن هوندي به، اتحاد نئون هجڻ ۽ ان جا ادارتي طريقا اڃا مڪمل طور قائم نه ٿيڻ سبب عملي سهڪار لاءِ وڌيڪ مشاورت ۽ تيارين جي ضرورت آهي.
ترڪيءَ لاءِ هڪ اهم پاسو ايران سان لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ پڻ آهي. ترڪ پرڏيهي وزير حقان فيدان 13 آڪٽوبر تي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. رپورٽ موجب، انقره سعودي عرب جي دفاعي مدد بابت فيصلن دوران علائقائي صورتحال ۽ ايران سان لاڳاپن کي پڻ نظر ۾ رکندو.
واضح رهي ته سعودي عرب جي مدد لاءِ ترڪيءَ جي فوجي سهڪار جو حتمي دائرو اڃا طئي ناهي ٿيو؛ اهو پارلياماني منظوري، سعودي عرب جي ضرورتن ۽ خطي جي زميني صورتحال تي دارومدار رکندو.