پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ اسڪول جون ڇتيون ڪرڻ واري افسوسناڪ حادثي جو ڪيس آغا مير جاني شاهه ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسڪول جي مالڪن، شيئر هولڊرن ۽ عمارت تعمير ڪندڙ ٺيڪيدار کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، حادثي ۾ 30 کان وڌيڪ ٻارڙن ۽ هڪ عورت استاد جي فوت ٿيڻ، جڏهن ته 52 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪول جي عمارت ۾ مبينا طور ناقص تعميراتي سامان استعمال ڪيو ويو هو ۽ عمارت زبون حال ۽ غيرموزون هئي. ايف آءِ آر موجب، اسڪول جي ڀتين ۽ ڇتين جي خراب حالت بابت اڳ به شڪايتون ڪيون ويون هيون، پر ٻارڙن جي شڪايتن باوجود اسڪول انتظاميا ۽ مالڪن مبينا طور ڪو به ڌيان نه ڏنو.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪول جي ٻي ماڙ تي قائم نرسري ڪلاس ۽ گرائونڊ فلور جي ڪمرن جون ڇتيون ڪري پيون، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
ڪيس جي متن موجب، اسڪول جي 16 مرلن واري زمين وحيد ۽ جاويد جي ملڪيت آهي، جيڪا 2024ع ۾ ليز تي وٺڻ کانپوءِ ان تي اسڪول جي عمارت تعمير ڪئي وئي هئي.
پوليس موجب، ڪيس قتل بالسبب ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 322، 148 ۽ 149 تحت داخل ڪيو ويو آهي. واقعي ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.