ڪراچي جا ماڻهو پيپلز پارٽي کان نفرت ڪن ھا تہ شهر جو ميئر جيالو نہ ھجي ها: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته غريبن جي مالي مدد کي خيرات قرار ڏيڻ غريب دشمن ۽ منافقاڻي سوچ جي عڪاسي آهي، جڏهن ته غريب عورتن ۽ ضرورت مند خاندانن جي تذليل ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي.

امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته غريبن کي ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ سهارو ڏيڻ تي سياست ڪرڻ بي حسي آهي. جيڪڏهن ڪراچيءَ جا ماڻهو پيپلز پارٽيءَ کان نفرت ڪن ها ته اڄ شهر جو ميئر پيپلز پارٽيءَ جو جيالو نه هجي ها.

هن چيو ته امير جماعت اسلامي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ غريبن جي امداد واري حق کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي. غريبن جي مدد تي طعنا ڏيڻ سان غربت ختم نه ٿيندي، ان لاءِ عملي ۽ انقلابي قدم کڻڻا پوندا. جماعت اسلامي کي غريبن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ بدران عوام جي خدمت بابت پنهنجون ڪاميابيون ٻڌائڻ گهرجن.

شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته غريبن جي مدد ڪرڻ سندن تذليل نه، پر رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام دنيا جي بهترين پروگرامن مان هڪ آهي، جنهن جو اعتراف عالمي ادارن پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تي تنقيد دراصل غريب عورتن ۽ مستحق خاندانن جي تذليل آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي غريبن کي سهارو ڏنو آهي ۽ جماعت اسلامي رڳو پريس ڪانفرنسن جي سياست ڪري رهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں