دبئي ويندڙ ٻن ڀينرن ۽ ماءُ کي ڪراچي ايئرپورٽ تان آف لوڊ ڇو ڪيو ويو؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل عرب امارات ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جي مبينا جنسي استحصال ۽ انساني اسمگلنگ جا سنگين خدشا سامهون اچڻ بعد ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان دبئي ويندڙ ٻن ڀينرن ۽ سندن ماءُ کي آف لوڊ ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي موجب، اميگريشن ڪليئرنس دوران ٽنهي عورت مسافرن، مائرھ، عليشہ ۽ سندن ماءُ بينہ کان سفر جي مقصد ۽ انتظامن بابت تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ان دوران مائره پنهنجي عمر تقريباً 16 کان 17 سال ٻڌائي ۽ الزام هنيو تہ سندس والدين پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ جي دستاويزن ۾ اصل عمر کان وڌيڪ عمر ظاهر ڪئي آهي.

مائره وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته کيس گڏيل عرب امارات ۾ ڪلبن ۽ هوٽلن اندر مبينا طور جنسي سرگرمين ۾ ملوث ڪيو ويو.

ابتدائي جاچ دوران ڇوڪريءَ جي ماءُ جي موبائل فون مان مبينا ايجنٽ حارث سان واٽس ايپ تي ٿيل ڳالهه ٻولهه پڻ سامهون آئي، جنهن ۾ ويزا، هوائي ٽڪيٽن ۽ سفر جي خرچن بابت انتظامن جو ذڪر موجود هو. پيغامن ۾ ڇوڪرين جي ماهوار آمدني 6 لک رپين تائين وڌائڻ ۽ ٻين ڇوڪرين بابت ڳالهه ٻولهه جا حوالا پڻ مليا آهن، جن جي تصديق لاءِ وڌيڪ جاچ ۽ فارنزڪ تجزيو ضروري قرار ڏنو ويو آهي.

دستياب ڄاڻ موجب، مبينا ايجنٽ مسافرن جي سفري انتظامن لاءِ مالي مدد پڻ ڪئي هئي. ماءُ جي موبائل فون مان 4 لک رپين جي بئنڪ ٽرانزيڪشن جي رسيد به ملي، جيڪا مبينا طور سندن والد مقصود علي جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي هئي. اختيارين ان رقم جي مقصد ۽ مبينا سرگرمين سان لاڳاپي جي جاچ ڪري رهيا آهن.

حڪام موجب، معاملي ۾ مبينا ايجنٽ، لاڳاپيل ٽريول ايجنسي، سفري دستاويزن، بئنڪ اڪائونٽن ۽ موبائل فونن ۾ موجود ڊجيٽل ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي. ان سان گڏ ٻين ممڪن متاثر ڇوڪرين جي سڃاڻپ ۽ والدين سميت سمورن لاڳاپيل ماڻهن جي ڪردار جي به جاچ ڪئي ويندي.

معاملي جي سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي ٽنهي مسافرن کي وڌيڪ تصديق، ڊجيٽل ثبوتن جي فارنزڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل (AHTC) حوالي ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں