ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڄام چاڪرو ۾ جديد لينڊ فل سائيٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته جديد لينڊ فل سائيٽ ڪراچي کي صاف رکڻ لاءِ اهم منصوبو آهي.
هن چيو ته روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ ٽائونز کي ملندڙ رقم ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وئي، ٽائونز کي هدايت ڪئي آهي ته روڊ ڪٽنگ جا پئسا روڊن تي ئي خرچ ڪيا وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جو هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي هجي ۽ صوبا ڪارروائي کان منع ڪن ته پوءِ ڇا چئي سگهجي ٿو؟
مراد علي شاهه چيو ته گورنر راڄ آئين ۾ موجود آهي. مير رضا ڪيس بابت هن ٻڌايو ته ڪابينا عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو چيو هو، جڏهن ته ڪميشن جي رپورٽ جو بند لفافو ڪابينا ئي کولي ان بابت فيصلو ڪندي.