راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته وچ اوڀر جي تڪرار جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ ضروري آهي، ڳالهين ۾ ناڪامي ۽ فوجي ٽڪراءُ جي صورت ۾ مڪي الائنس جو گڏيل دفاعي نظام حرڪت ۾ ايندو.
عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدو تمام گهٽ وقت ۾ اڳتي وڌيو آهي، جيڪو ٽنهي ملڪن جي گڏيل سوچ جو نتيجو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ حرمين شريفين جو تحفظ پاڪستان لاءِ پهرين ترجيح آهي، حرمين شريفين جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته مقدس هنڌن تي حملن سبب عوام، سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ آهي، جڏهن ته تڪرار کي ڪنهن به سطح تي وڌائڻ ڪنهن ملڪ جي مفاد ۾ ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر جي فوجي تڪرار کي وڌيڪ ڦهلائڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ ضروري آهي، جڏهن ته ڳالهين جي ناڪامي ۽ فوجي ٽڪراءُ جي صورت ۾ مڪي الائنس جو گڏيل دفاعي نظام حرڪت ۾ ايندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب مڪي الائنس جي قيادت ۽ حڪمت عملي واضح آهي ۽ اتحاد جو ڪو جارحاڻي ارادو ناهي. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي تي يقين رکن ٿا، اتحاد ڪنهن خاص ملڪ خلاف ناهي.
ترجمان پاڪ فوج چيو ته مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.