بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چين ۾ هڪ نئين شادي ڪندڙ جوڙو پنهنجي نالن جي حيرت انگيز هڪجهڙائي سبب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار جا نالا نه رڳو هڪجهڙا آهن، پر چيني ٻوليءَ ۾ لکڻ جو طريقو به ساڳيو آهي.
چيني ميڊيا موجب، چين جي صوبي زيجيانگ ۾ 6 آڪٽوبر تي شادي ڪندڙ 33 ورهين جي گهوٽ ۽ 28 ورهين جي ڪنوار جو نالو ’ژو شياو چونگ‘ آهي. جڏهن سندن شاديءَ جو دعوت نامو انٽرنيٽ تي شيئر ٿيو ته ڪيترن ئي مائٽن کي لڳو ته شايد نالا لکڻ ۾ ڪا غلطي ٿي آهي، پر پوءِ خبر پئي ته ٻنهي جا اصل نالا ئي هڪجهڙا آهن.
رپورٽ موجب، ٻنهي جو تعلق هوابازي جي شعبي سان آهي ۽ سندن ملاقات 2016ع ۾ هڪ ئي ملازمت واري نمائش دوران ٿي. انٽرويو وٺندڙ جڏهن ’ژو شياو چونگ‘ جو نالو پڪاريو ته ٻئي هڪ ئي وقت پنهنجي سيٽن تان اٿي بيٺا. ان وقت هنن ان اتفاق کي رڳو هڪ دلچسپ واقعو سمجهيو.
بعد ۾ هڪ گڏيل واقفڪار ٻنهي جو تعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ هنن 2019ع ۾ هڪ ٻئي سان ملاقاتون شروع ڪيون ۽ آخرڪار هن سال شادي ڪري ڇڏي.
نالن جي هڪجهڙائي سبب جوڙي کي عملي مشڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ موجب، هلندڙ سال مئي ۾ شاديءَ جي رجسٽريشن ۽ ملڪيت جي سرٽيفڪيٽ لاءِ درخواست ڏيڻ وقت ڪمپيوٽر سسٽم ٻنهي جي رڪارڊ ۾ فرق نه ڪري سگهيو، جنهن سبب عملي کي معلومات هٿ سان داخل ڪرڻي پئي.
سفر دوران به ٻنهي کان غلطيءَ سان هڪ ٻئي جا بورڊنگ پاس کڄي ويا، جنهن تي سيڪيورٽي عملي کي سندن سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻي پئي.
ڪنوار ميڊيا کي ٻڌايو ته دوست جڏهن ڪنهن هڪ جو نالو وٺندا هئا ته اڪثر ٻئي به جواب ڏئي ڇڏيندا هئا. ان مونجهاري کان بچڻ لاءِ هاڻي ٻنهي هڪ ٻئي لاءِ الڳ نالا رکيا آهن؛ گهوٽ کي ’دا چونگ‘ يعني وڏو چونگ، جڏهن ته ڪنوار کي ’شياو چونگ‘ يعني ننڍو چونگ سڏيو وڃي ٿو.