اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ هڪ ٻي ڳڻتي واري خبر سامهون اچي وئي آهي، جتي ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 11 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا طرفان واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت هڪ مهيني لاءِ ڪئي وئي آهي، جنهن جو اضافي بار ملڪ جي بجلي صارفين کان آڪٽوبر جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ جا صارف بجلي جي نئين اضافي رقم آڪٽوبر جي بلن ۾ ادا ڪندا.
ذريعن موجب آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان صارفين تي مجموعي طور 19 ارب رپين جو اضافي بار منتقل ٿيندو.
نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ ٿيل هن واڌ جو اطلاق لائف لائن صارفين تي نه ٿيندو، يعني گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي هن اضافي چارج کان ڇوٽ حاصل رهندي.
بجلي جي قيمتن ۾ تازي واڌ سان صارفين جي ايندڙ مهيني جي بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ رقم شامل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته حڪومت ۽ نيپرا طرفان فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي بنياد تي بجلي جي اگهن ۾ وقت بوقت تبديليون ڪيون وينديون آهن.