خيبرپختونخوا ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ اسلام آباد ڏانهن پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جون ڳالهيون هڪ ڀيرو ٻيهر بحث جو مرڪز بڻجي ويون آهن. وفاقي وزيرن ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر طرفان به اهڙن آئيني اختيارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سوال پيدا ٿي ويو آهي ته آخر وفاقي حڪومت ڪهڙين حالتن ۾ صوبي ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪري سگهي ٿي؟
پاڪستان جي آئين ۾ صوبي ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 232 ۽ آئيني مشينري جي ناڪامي جي صورت ۾ آرٽيڪل 234 موجود آهن.
آئين جي آرٽيڪل 232 موجب جيڪڏهن صدر ان ڳالهه تي مطمئن هجي ته جنگ، ٻاهرين جارحيت يا اهڙي اندروني بدامني سبب پاڪستان يا ان جي ڪنهن حصي جي سلامتي کي سنگين خطرو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ صوبائي حڪومت جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي، ته ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهجي ٿي.
اندروني بدامني جي بنياد تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي قرارداد گهربل آهي. جيڪڏهن صدر پنهنجي طور تي اهڙو اعلان ڪري ته ان کي ٻنهي پارلياماني ايوانن آڏو مقرر وقت اندر منظوري لاءِ پيش ڪرڻو پوندو.
ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ وفاق کي صوبي جي انتظامي اختيارن بابت هدايتون ڏيڻ جو اختيار ملي سگهي ٿو، جڏهن ته وفاقي حڪومت حڪم ذريعي صوبائي حڪومت جا ڪجهه يا سمورا ڪم پاڻ سنڀالي سگهي ٿي يا گورنر کي وفاق جي نمائندي طور اهي ذميواريون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري سگهي ٿي.
گورنر راڄ لاءِ ڪهڙو آئيني رستو آهي؟
گورنر راڄ جو بنيادي آئيني حوالو آرٽيڪل 234 آهي. جيڪڏهن صدر کي گورنر جي رپورٽ مان اطمينان ٿئي ته صوبي جي حڪومت آئين موجب ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي، ته صدر آئيني مشينري جي ناڪامي واري صورتحال ۾ قدم کڻي سگهي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ صوبائي حڪومت جا ڪجهه اختيار وفاقي سطح تي منتقل ٿي سگهن ٿا ۽ صوبائي اسيمبلي جا قانون ساز اختيار پارليامينٽ استعمال ڪري سگهي ٿي. البت هاءِ ڪورٽ جا اختيار وفاقي حڪومت يا گورنر ڏانهن منتقل نٿا ڪري سگهجن.
گورنر راڄ ڪيتري عرصي لاءِ؟
آئين تحت اهڙي اعلان کي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن آڏو منظوري لاءِ پيش ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن ته ان جي مدت ۽ واڌ لاءِ به آئيني شرطون مقرر ٿيل آهن.
ڇا گورنر راڄ عدالت ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو؟
آئين جو آرٽيڪل 236 ايمرجنسي ۽ آئيني مشينري بابت ڪجهه صدارتي اعلانن جي عدالتي چئلينج تي پابندي لاڳو ڪري ٿو، پر ان سان گڏ بنيادي حقن يا آئين جي ٻين شقن جي مبينا ڀڃڪڙي بابت عدالتي درخواستن جو سوال الڳ قانوني معاملو بڻجي سگهي ٿو.
خيبرپختونخوا ۾ هاڻوڪو بحث ڇو اهم آهي؟
خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ، اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي اعلان ۽ صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال سبب ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ بابت بحث تيز ٿيو آهي.
وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون آئيني تقاضا پورو ڪن ته صوبي ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به آئيني شقن جو حوالو ڏنو آهي.
ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي اهڙي ڪنهن به قدم کي عوامي مينڊيٽ خلاف قرار ڏيندي رد ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اندر به لانگ مارچ جي حڪمت عملي بابت مختلف راءِ سامهون اچي رهي آهي.
يعني، خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ صرف سياسي اعلان سان نه، پر آئين ۾ مقرر ڪيل طريقيڪار ۽ شرطن تحت ئي لاڳو ٿي سگهي ٿو.