ڪيپ ٽائون (اسپورٽس ڊيسڪ): ڪرڪيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ مقابلن مان هڪ، پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو هڪ ڀيرو ٻيهر ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي ۾ ڏسڻ جو امڪان آهي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2027ع جي شيڊول جو اعلان سڀاڻي ٿيندو، جڏھن تہ ٻنهي روايتي حريفن کي هڪ ئي گروپ ۾ رکڻ بابت رپورٽون سامهون آيون آهن.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ئي گروپ ۾ رکڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي ۾ هڪ ئي گروپ جو حصو هونديون.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان-ڀارت مقابلو ڪمرشل پارٽنرز لاءِ به اهم آهي، جڏهن ته آءِ سي سي ايونٽس ۾ ٻنهي ٽيمن جي ميچ کي براڊڪاسٽرز طرفان به وڏي اهميت حاصل هوندي آهي.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع جي شيڊول جو اعلان سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ ڪيو ويندو، جيڪو پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي ٿيندو.
14 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ 2 آڪٽوبر کان 21 نومبر 2027ع تائين ڏکڻ آفريڪا، نميبيا ۽ زمبابوي ۾ کيڏيو ويندو.
ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ سال جي ڪائونٽ ڊائون جي شروعات به پهرين آڪٽوبر کان ٿيندي.
پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي گروپ ۾ هوندا يا نه، ان بابت حتمي صورتحال شيڊول جي باضابطه اعلان کانپوءِ واضح ٿيندي.