سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪنهن هنڌ کي فطري ٿڌ، خوشگوار موسم ۽ جبلن جي ماحولي خوبصورتي سبب منفرد سمجهيو وڃي ٿو ته اهو گورک هل اسٽيشن آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا گورک هل تائين پهچڻ ۽ اتي رھڻ جو تجربو به ان جي فطري حسن جيان خوشگوار آهي؟
گورک هل جو سفر ڪندڙن جا پنهنجا پنهنجا تجربا ٿي سگهن ٿا، پر منهنجي لاءِ ذاتي طور هي سفر هڪ اهڙو تجربو رھيو، جنهن ۾ فطري ٿڌڪ کان وڌيڪ سفر جي ٿڪاوٽ، خراب رستن ۽ سهولتن جي کوٽ محسوس ٿي.
گذريل هفتي اسلام آباد ۽ پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ سان واسطو رکندڙ دوست اڪرم گرماڻي، جهانگير مخلص، شاهد عالم ۽ ممتاز ڪلياڻي سنڌ گهمڻ ۽ سنگت سان ڪچهري لاءِ سنڌ ياترا تي نڪتا. خيرپور ۾ ياسين جوڻيجو جا مهمان ٿيڻ کانپوءِ، ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر ۽ مطلب وگهيي جي نگراني ۾ سندن ميزباني ڪندي، قافلو لاڙڪاڻي رستي جوهي پهتو.
ذاتي مصروفيتن سبب مان به ان ڏينهن جوھي پهتس. پروگرام ٺهيو ته دوستن کي گورک هل گهمائجي ۽ سنڌ جي هن قدرتي ماڳ سان روشناس ڪرايو وڃي.
دوستن جي جوھي پهچڻ واري ڏينهن حيدرآباد مان پروفيسر عزيز سومرو ۽ لاهور سان واسطو رکندڙ نامياري شخصيت امداد سومرو به سنگت سان گڏجي ويا. واهي پانڌي ۾ شفيع پياڪ دوستن لاءِ ريفريشمينٽ جو بندوبست ڪيو، جڏهن ته هو پاڻ اتي موجود نه هو. سندس دوست عبدالحميد لغاري پنهنجي وس آهر سنگت جي عزت ڀري ميزباني ڪئي.
واهي پانڌي کان گورک تائين 35 ڪلوميٽر، پر سفر اڍائي ڪلاڪن جو

واهي پانڌي کان گورک هل اسٽيشن جو مفاصلو لڳ ڀڳ 35 ڪلوميٽر آهي، پر هي مفاصلو طئي ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ الڳ امتحان آهي.
ٻن جيپن تي گورک وڃڻ لاءِ في جيپ 12 هزار رپيا ڪرايو طئي ٿيو، يعني ٻن جيپن جو ڪل ڪرايو 24 هزار رپيا. جيپ وارن کي ان حوالي سان ڏوهاري قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇو ته واھي پانڌي کان ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي ئي اهو رستو شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو سفر کي ايڊوينچر سان گڏ جسماني طور به ٿڪائيندڙ بڻائي ڇڏي ٿو.
فور ويل جيپ ذريعي 35 ڪلوميٽرن جو اهو سفر اٽڪل ٻه کان اڍائي ڪلاڪ وٺي ٿو. پٿريلو رستو اهڙو جو جيپ جي سيٽ تي هڪ هنڌ ويهي رهڻ يا ڪنهن شيءِ کي مضبوطي سان پڪڙڻ کانسواءِ سفر ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن محسوس ٿئي ٿو.
کاول لڪ کان هيٺ بيزار ڪندڙ پٿريلو رستو، پوءِ کَاول لڪ جو خطرناڪ چاڙهه، جتي جبلن تان ڪريل پٿر به رستي تي نظر اچن ٿا، ۽ ان کانپوءِ ٻيهر پٿريلو ۽ ڏکيو رستو—اهو سڀ ڪجهه سفر ڪندڙ کي ڪيترن ئي لمحن ۾ اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر هي سفر ڇو ڪيو پيو وڃي.
پر آخرڪار ماڻهو گورک هل اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿو.
ٿڌي هوا، چانڊوڪي رات ۽ سنگت جي ڪچهري

گورک هل تي پهچڻ کانپوءِ فطري طور موجود ٿڌي ۽ خوشگوار هوا سڄي سفر جي ٿڪاوٽ ڪجهه وقت لاءِ وساري ڇڏي ٿي.
رھائش لاءِ امداد سومرو دوست جمن جمالي سان رابطو ڪيو، جنهن ڪمرا بڪ ڪرائي ڏنا. ٻڌايو ويو ته گورک جي انتظام جو ڪنٽرول هاڻي سياحت کاتي وٽ آهي ۽ ڊبل بيڊ ڪمري جي في رات چارج 5 هزار رپيا آهي، جڏهن ته اضافي ميٽرس لاءِ في ميٽرس هڪ هزار رپيا چارج ٻڌايو ويو.
ٻن ڪمرن جا مجموعي پئسا 15 هزار رپيا ٿيا، جڏهن ته ٻئي ڏينهن ادائيگي وقت امداد سومري جي چوڻ تي جمن جمالي رعايت پڻ ڪرائي ڏني.
پر ڪمري اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ رهائش جون سهولتون ڏسي هڪ ٻيو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو.
هڪ ڊبل بيڊ، گڏ واش روم، هڪ پکو، هڪ بلب ۽ دريءَ تي پردا—باقي سڀ ڪجهه محدود. واش روم جي واش بيسن تي مٽي، پاڻيءَ جا نشان، اڌ استعمال ٿيل صابڻ ۽ ٽاول جو هڪ ٽڪرو نظر آيو.
يعني جنهن ڪمري لاءِ پنج هزار رپيا چارج ڪيا وڃن ٿا، اتي بنيادي سهولتن جي حالت به اطمينان بخش نظر نٿي اچي.
تنهن هوندي به، چانڊوڪي رات، ٿڌي هوا ۽ سنگت جي ڀرپور ڪچهري ماحول کي بدلائي ڇڏيو. سرائيڪي شاعر جهانگير مخلص جي شاعري رات جي محفل کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت رات گذري وئي.
بينظير پوائنٽ ۽ پارڪ جي حالت

صبح جو گورک هل اسٽيشن جي ٽاپ تي موجود بينظير پوائنٽ وڃڻ جو پروگرام ٺهيو.
سنگت جي تيار ٿيڻ کان اڳ مان پنهنجي مزاج مطابق اڪيلو پنڌ بينظير پوائنٽ طرف روانو ٿي ويس. ڪجهه سئو ميٽرن کانپوءِ هڪ پارڪ جو گيٽ نظر آيو، جنهن تي شهيد بينظير ڀٽو پارڪ لکيل هو.
گيٽ کي ڪڙو لڳل هو، پر تالو نه هو. اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ پارڪ جي حالت ڏسي محسوس ٿيو ته هتي به سار سنڀال جو مسئلو موجود آهي.
ڀڳل ڪونڊيون، پٿريلي ۽ خالي زمين، فٽ پاٿ تي وڌيل گاهه ۽ غير معياري نظر ايندڙ بينچن جا پير—اهي سڀ شيون پارڪ جي حالت بابت پاڻ ڳالهائي رهيون هيون.
گورک هل: قدرت پنهنجي جاءِ تي، سهولتون پنهنجي جاءِ تي
گورک هل بابت اتي موجود ماڻهن کان معلوم ٿيو ته هي علائقو هاڻي مختلف حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو سنڌ سياحت کاتي جي انتظام هيٺ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻيا حصا هڪ خانگي ڀائيواري سان لاڳاپيل هجڻ جو ٻڌايو ويو.
هيٺ ڪيفيٽيريا ۽ ان جي ڀرسان ڪجهه هٽس بابت ٻڌايو ويو ته اهي سنڌ سياحت کاتو ڊيل ڪري ٿو، جڏهن ته جبل سان لڳ اولھ طرف موجود ڪجهه هٽس ۽ بينظير پوائنٽ سامهون ڪنٽينرن مان تيار ڪيل سنگل روم هٽس ٻئي ڌر جي ڪنٽرول ۾ آهن.
گورک هل بابت ڳالهائيندي اصل سوال اهو ئي رهي ٿو ته ايتري خوبصورت قدرتي ماڳ کي سياحن لاءِ وڌيڪ آسان، محفوظ ۽ آرامده بڻائڻ لاءِ ڇا ڪجهه ٿي رهيو آهي؟
هن وقت گورک هل اسٽيشن تي جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو، ان ۾ هڪ ڀڳل پٿريلو رستو، ڪيفيٽيريا، ڪجهه ڪمرا، پلاسٽڪ جون ڪرسيون، مختلف هنڌن تي لڳل بينچون، شهيد بينظير پارڪ ۽ شهيد بينظير ويو پوائنٽ شامل آهن.
باقي گورک جو اصل جبل، پٿر، قدرتي ٻوٽا ۽ ٿڌي هوا اڃا تائين پنهنجي فطري حالت ۾ موجود آهن.
شايد گورک هل جي سڀ کان وڏي خوبصورتي به اها ئي آهي ته انسان جي محدود مداخلت باوجود قدرت اڃا تائين پنهنجي اصل رنگ ۾ موجود آهي.
پر سوال اهو ضرور آهي ته جيڪڏهن قدرت پاڻ گورک کي ايترو خوبصورت بڻائي سگهي ٿي، ته پوءِ ان تائين پهچندڙ رستو، رهائش ۽ بنيادي سياحتي سهولتون به اهڙي معيار جون ڇو نٿيون بڻجي سگهن، جيڪي سياحن جي سفر کي ٿڪائيندڙ بدران يادگار بڻائي سگهن؟
گورک هل ۾ ٿڌ موجود آهي، فطرت موجود آهي، حسن موجود آهي؛ ضرورت شايد رڳو ان ڳالهه جي آهي ته انهن قدرتي نعمتن تائين پهچڻ وارو سفر به سياحن لاءِ آسان ۽ سهولتون وڌيڪ بهتر بڻايون وڃن.