ڪراچي: ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 18 ورھين جي ناري فوت، 2 ڄڻا زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ماڙيپور روڊ تي ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 18 ورهين جي ناري فوت ٿي وئي، جڏهن ته حادثي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب حادثي کانپوءِ فوت ٿيل ڇوڪري جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ڇوڪري زخمي نوجوان جي مڱيندي هئي، جڏهن ته ٻئي ڀينرون ۽ نوجوان هڪ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هئا.

پوليس موجب حادثي ۾ ملوث ٽرالر جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏھن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں