هڪ اهڙو شخص، جنهن کي ڀارت جي هڪ انتهائي مشهور قتل ڪيس ۾ 13 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن تي سيريل ڪلر ۽ آدم خور هجڻ جا الزام لڳا ۽ جنهن پنهنجي زندگي جا لڳ ڀڳ ٻه ڏھاڪا جيل ۾ گذاريا، اهو ئي سريندر ڪولي آخرڪار عدالت مان بري ٿي آزاد ٿيو.
پر آزادي کان ڪجهه ئي مهينا پوءِ سندس زندگي پراسرار انداز ۾ ختم ٿي وئي.
رپورٽن موجب 50 ورهين جو سريندر ڪولي ڀارت جي اترين رياست اتراکنڊ جي شهر هري دوار ۾ پنهنجي چانهه جي دڪان اندر ڦندي سان لٽڪيل حالت ۾ مليو. پوليس موجب شروعاتي طور واقعو خودڪشي جو لڳي ٿو، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ جو سرڪاري انتظار ڪيو پيو وڃي.
پر سريندر ڪولي جي موت تائين پهچندڙ هي ڪهاڻي صرف هڪ پراسرار موت جي ڪهاڻي ناهي، پر ڀارت جي عدالتي نظام، پوليس جي جاچ ۽ غلط سزا بابت لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن تي پکڙيل هڪ ڊگهي قانوني جنگ پڻ آهي.
نوئيڊا جي بنگلي مان انساني باقيات جي برآمدگي
هن ڪيس جي شروعات ڊسمبر 2006 ۾ ٿي، جڏهن ڀارت جي نوئيڊا جي نٿاري ڳوٺ ۾ هڪ بنگلي جي پٺيان نالي مان گهٽ ۾ گهٽ 19 ماڻهن جون انساني باقيات مليون، جن مان اڪثريت ٻارن جي هئي.
اهو بنگلو مونندر سنگهه پنڌير جو هو ۽ سريندر ڪولي اتي ڪم ڪندو هو. واقعي کانپوءِ ڪولي ۽ سندس مالڪ ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ۽ استغاثه جو ڪيس بنيادي طور ٻن اهم نقطن تي بيٺل هو: ڪولي جو مبينا اعترافي بيان ۽ انساني باقيات جي برآمدگي.
ميڊيا ۾ سندس نالي سان هڪ اعترافي بيان پڻ سامهون آيو، جنهن ۾ قتلن، لاشن کي ٽڪرا ڪرڻ ۽ آدم خوري تائين جا انتهائي سنگين الزام شامل هئا.
سيريل ڪلر جو ٺپو ۽ 13 موت جون سزائون
2009 ۾ هڪ ٽرائل ڪورٽ 14 ورهين جي رمپا هلدار جي قتل جي الزام ۾ ڪولي کي موت جي سزا ٻڌائي. اله آباد هاءِ ڪورٽ اها سزا برقرار رکي ۽ 2011 ۾ سپريم ڪورٽ به سندس اپيل رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ کيس ’سيريل ڪلر‘ قرار ڏنو ۽ ڪيس کي انتهائي سنگين نوعيت جو قرار ڏنو.
انهيءَ فيصلي کانپوءِ 2010 کان 2021 تائين مختلف عدالتن طرفان ڪولي کي وڌيڪ 12 ڪيسن ۾ به موت جون سزائون ٻڌايون ويون.
يعني مجموعي طور سريندر ڪولي کي 13 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي.
ڦاسي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڇا ٿيو؟
سيپٽمبر 2014 ۾ ڪولي کي ڦاسي ڏيڻ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پر ڦاسي کان صرف چار ڪلاڪ اڳ سپريم ڪورٽ رات جو هنگامي ٻڌڻي ڪندي سندس سزا تي عمل روڪي ڇڏيو.
بعد ۾ 2015 ۾ اله آباد هاءِ ڪورٽ سندس هڪ ڪيس ۾ موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو. عدالت حڪومت طرفان رحم جي اپيل تي فيصلو ڪرڻ ۾ غيرمعمولي دير ۽ ڪولي کي غيرقانوني طور ڊگهي عرصي تائين اڪيلائي ۾ رکڻ تي به سخت اعتراض ڪيو.
12 ڪيسن ۾ بريت، جاچ تي سنگين سوال
آڪٽوبر 2023 ۾ ڪولي خلاف باقي 12 ڪيسن ۾ هڪ اهم موڙ آيو، جڏهن اله آباد هاءِ ڪورٽ کيس انهن سمورن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.
عدالت ڪولي جي اعترافي بيان ۽ انساني باقيات جي برآمدگي بابت پوليس ۽ استغاثه جي ثبوتن تي سنگين سوال اٿاريا.
عدالت موجب ڪولي جڏهن اعتراف ڪيو، تڏهن هو ڊگهي عرصي کان پوليس جي حراست ۾ هو. ڪولي پاڻ به پوليس تي تشدد جا الزام لڳائيندو رهيو ۽ دعويٰ ڪئي ته مٿس بجلي جا جھٽڪا ۽ ٻيا تشدد جا طريقا استعمال ڪيا ويا.
عدالت ان اعترافي بيان کي رضاکارانه ۽ قابلِ قبول قانوني شاهدي طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
انساني باقيات جي برآمدگي بابت به عدالت پوليس جي موقف تي سوال اٿاريا ۽ جاچ کي ناقص قرار ڏنو.
سپريم ڪورٽ پنهنجو پراڻو فيصلو ڇو بدلايو؟
ڪولي جي بريت خلاف سي بي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون، پر جولاءِ 2024 ۾ اهي درخواستون رد ٿي ويون.
ان کانپوءِ ڪولي جي وڪيلن هڪ غيرمعمولي قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيووريٽو پٽيشن داخل ڪئي.
نومبر 2025 ۾ سپريم ڪورٽ اڳ ۾ 12 ڪيسن ۾ بريت لاءِ لاڳو ڪيل اصول سندس پهرين ڪيس تي به لاڳو ڪيا ۽ 2011ع وارو فيصلو واپس وٺندي ڪولي جي فوري آزادي جو حڪم ڏنو.
عدالت موجب جاچ ادارن جي غفلت ۽ دير سبب حقيقتن تائين پهچڻ وارو عمل متاثر ٿيو ۽ اصل جوابدارن تائين پهچڻ جا امڪان به ختم ٿي ويا.
آزادي کان صرف 10 مهينا پوءِ موت
لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن جي قيد، 13 موت جي سزائن ۽ ڊگهي قانوني جنگ کانپوءِ ڪولي آخرڪار آزاد ٿيو، پر سندس آزادي گهڻو وقت برقرار نه رهي.
رپورٽن موجب آزادي کان تقريباً 10 مهينا پوءِ هو هري دوار ۾ پنهنجي چانهه جي دڪان اندر مئل حالت ۾ مليو.
پوليس شروعاتي طور واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته حتمي صورتحال پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ وڌيڪ واضح ٿيندي.
بري ٿيڻ باوجود ’آدم خور‘ جو داغ ختم نه ٿيو
ڪولي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته عدالت مان بري ٿيڻ باوجود معاشري ۾ سندس خلاف ٺهيل تصور ختم نه ٿيو.
سينيئر وڪيل اندرا جئي سنگهه، جن 2014 ۾ سندس ڦاسي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، ڪولي جي انجام کي عدالتي نظام جي ناڪامي سان جوڙيو.
ٻئي وڪيل يوگ موهت چوڌري پڻ هن ڪيس کي غريب ۽ محروم ماڻهن سان لاڳاپيل عدالتي نظام جي مسئلن جي عڪاسي قرار ڏنو.
پر هن سموري قانوني جنگ جو ٻيو پاسو به موجود آهي: نٿاري واقعي ۾ مارجي ويل ٻارن ۽ ٻين متاثرن جا خاندان، جيڪي اڄ به ان سوال سان بيٺل آهن ته اصل قاتل ڪير هئا.
سريندر ڪولي عدالت مان بري ته ٿي ويو، پر سندس مٿان لڳل ’سيريل ڪلر‘ ۽ ’آدم خور‘ جو داغ زندگي جي آخري لمحن تائين سندس پويان رهيو.
۽ هن ڪيس سان هڪ سوال اڄ به بيٺل آهي: جيڪڏهن شروعاتي جاچ ۾ غلطيون ٿيون، ته انهن 19 انساني جانين جي اصل ذميوارن تائين آخر ڪير پهچندو؟