ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان اعلان ڪيو آهي ته سڀاڻي کان ڪراچي جي 25 کان وڌيڪ هنڌن تي احتجاجي ڪيمپ لڳايا ويندا، جڏهن ته جماعت اسلامي جو بنيادي مطالبو پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منعم ظفر خان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ شهرين جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
هن دعويٰ ڪئي ته رڳو 2 کان 3 سيڪڙو ماڻهو بجلي جا بل ادا نٿا ڪن، پر ان جي سزا سڄي ڪراچي جي عوام کي ڏني پئي وڃي.
منعم ظفر خان چيو ته بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي ۽ ڪراچي مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم ليوي ۽ ”ڀتو ٽيڪس“ خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير موجب پيٽروليم ليوي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ عام ماڻهو لاءِ ٻن وقتن جي ماني ڪمائڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي.