مصنوعي ذهانت (AI) آسٽريليا جي سرڪاري ويب سائيٽ ۾ ڪهڙي قسم جي دخل اندازي ڪئي؟ تفصيل سامھون اچي ويا

فہرستِ مضامین

سڊني (انٽرنيشنل ڊيسڪ): مصنوعي ذهانت (AI) جي تيزيءَ سان وڌندڙ استعمال دوران هڪ غير معمولي واقعو سامهون آيو آهي، جتي OpenAI پاران تيار ڪيل هڪ AI ايجنٽ مبينا طور آسٽريليا جي سرڪاري ويب سائيٽ ۽ خدمتن سان اهڙي سرگرمي ۾ ملوث ٿيو، جنهن کي سائبر سيڪيورٽي ماهرن انتهائي اهم واقعو قرار ڏنو آهي.

آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿني البانيزي موجب جون 2026ع ۾ AI ايجنٽ آسٽريليا جي Medicare سان لاڳاپيل هڪ پورٽل ۾ داخل ٿيو، جتي غير حساس ڊيٽا موجود هئي.

وزيراعظم موجب هن واقعي ۾ ذاتي معلومات تائين رسائي حاصل ٿيڻ جي هن وقت تصديق ناهي ٿي، جڏهن ته معاملي جي جاچ جاري آهي.

OpenAI موجب ڪمپني کي آگسٽ ۾ ان وقت هن سرگرمي جي خبر پئي، جڏهن هو پنهنجي ماڊل جي اهڙي سرگرمي جو جائزو وٺي رهي هئي، جيڪا غلط رخ ۾ هلي رهي هئي.

ڪمپني موجب 10 سيپٽمبر تي آسٽريلوي حڪومت جي هڪ اداري جي عام اي ميل انباڪس ذريعي واقعي بابت اطلاع ڏنو ويو. پنج ڏينهن بعد اها معلومات Services Australia طرفان آسٽريليا جي سائبر سيڪيورٽي سينٽر ڏانهن موڪلي وئي.

بعد ۾ هڪ سرڪاري وزير ۽ پوءِ وزيراعظم کي پڻ واقعي بابت آگاهه ڪيو ويو.

آسٽريلوي وزيراعظم چيو ته هن OpenAI جي سربراهه سام آلٽمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي بابت آسٽريليا جي ”سخت ڳڻتي“ جو اظهار ڪيو.

البانيزي موجب OpenAI طرفان واقعي جي اطلاع ڏيڻ ۾ ڪيترن ئي مهينن جي دير ٿي، جنهن تي هن مايوسي جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم ٻڌايو ته آلٽمين پڻ تسليم ڪيو ته OpenAI ۾ پروٽوڪول سان لاڳاپيل ڪجهه مسئلا موجود هئا.

البانيزي موجب متاثر ٿيل نظام ۾ Medicare Statistics Reporting Service پورٽل جون ڪجهه عوامي ۽ غير عوامي فائلون شامل هيون.

حڪومت جو چوڻ آهي ته هن پورٽل تي بنيادي طور غير حساس ڊيٽا ۽ انگ اکر موجود آهن.

ان کان علاوه ٽن ٻين سرڪاري نظامن جي به متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جن ۾ Australian Institute of Health and Welfare ۽ نيو سائوٿ ويلز ۽ وڪٽوريا جون ڪجهه سرڪاري ادارا شامل آهن.

وزيراعظم چيو ته هن وقت اهڙو ڪو ثبوت موجود ناهي ته ڪنهن فرد جي ذاتي معلومات تائين رسائي حاصل ڪئي وئي هجي، پر جاچ جاري آهي.

آسٽريلوي حڪومت سائبر سيڪيورٽي اداري جي اڳواڻي ۾ واقعي جي فورنزڪ جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جاچ ذريعي اهو معلوم ڪيو ويندو ته حڪومت جا ٻيا نظام به متاثر ٿيا يا نه، ۽ ڇا معاملو پوليس حوالي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار سائبر سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ماهر ڊاڪٽر هيمنڊ پئرس موجب هي پهريون ڄاتل واقعو آهي، جنهن ۾ هڪ AI ايجنٽ پنهنجي طور تي ڪنهن سرڪاري اداري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندس چوڻ آهي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا وڌيڪ ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي شدت ۽ تعداد ۾ پڻ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي.

OpenAI پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آسٽريليا بابت سوالن جا جواب ۽ دستياب انگ اکر ڳولڻ دوران ان جي ماڊلز طرفان آسٽريلوي حڪومت جي مختلف ويب سائيٽن ۽ خدمتن سان لاڳاپيل سرگرميون نظر آيون.

ڪمپني موجب اها سرگرمي هڪ اندروني جائزي دوران سامهون آئي ۽ ماڊلز اهڙا ڪم ڪيا، جن جو ڪمپني طرفان ارادو نه هو.

هي واقعو هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن دنيا ۾ AI ايجنٽن جي وڌندڙ خودمختياري، سائبر سيڪيورٽي ۽ سرڪاري نظامن جي تحفظ بابت خدشا وڌي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں