شهزادي ڊائنا جي زندگي جو آخري ڏينهن ڪيئن گذريو؟ حادثي کان اسپتال تائين مڪمل ڪهاڻي

فہرستِ مضامین

پيرس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) 31 آگسٽ 1997ع جي رات شهزادي ڊائنا جي زندگي جو آخري ڏينهن هڪ المناڪ ڪار حادثي سان ختم ٿيو. ڊائنا پنهنجي ساٿي ڊوڊي الفائد سان گڏ پيرس ۾ موجود هئي، جتي فوٽوگرافرن کان بچڻ جي ڪوشش دوران سندن ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي.

حادثي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڊائنا ۽ ڊوڊي ٻيڙي تان لهي پنهنجي خانگي جهاز ذريعي پيرس پهتا. شام جو ٻئي رٽز هوٽل ويا، جتي ڊائنا سيلون ۾ وار ٺهرايا، جڏهن ته ڊوڊي زيورن جي دڪاندار سان ملاقات ڪئي.

بعد ۾ ٻنهي هڪ ريسٽورينٽ ۾ رات جي ماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فوٽوگرافرن جي موجودگي سبب رٽز هوٽل واپس اچي پنهنجي ڪمري ۾ کاڌو گهرائڻ جو فيصلو ڪيو.

فوٽوگرافرن کان بچڻ جي ڪوشش

ڊوڊي الفائد مبينا طور تي اهڙو منصوبو ٺاهيو ته هو هوٽل جي پوئين دروازي کان ٻي مرسڊيز ۾ روانا ٿين، جيئن فوٽوگرافرن کي سندن گاڏي جو اندازو نه ٿي سگهي.

پر گاڏي رواني ٿيڻ کانپوءِ فوٽوگرافر موٽر سائيڪلن تي سندن پٺيان لڳي ويا. ڊرائيور هينري پال گاڏي تيز رفتاري سان هلائيندي کين ڇڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

رات 12 لڳي 23 منٽن تي گاڏي پونٽ ڊي آلما سرنگ ۾ هڪ ڪنڪريٽ جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي ۾ ڊوڊي الفائد ۽ ڊرائيور هينري پال موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته باڊي گارڊ ٽريور ريس جونز زخمي حالت ۾ زنده بچي ويو.

حادثي کانپوءِ ڊائنا زنده هئي

ايمبولينس پهچڻ وقت شهزادي ڊائنا اڃا زنده هئي. ڊاڪٽرن موجب هوءَ گاڏي جي پوئين سيٽ تي زخمي حالت ۾ موجود هئي ۽ سخت تڪليف ۾ هئي.

ڊاڪٽر آرنلڊ ڊوروٿي موجب ڊائنا تقريباً بيهوشي واري حالت ۾ هئي ۽ کيس تمام گهڻو درد محسوس ٿي رهيو هو.

ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ڊاڪٽرن دل جي ڌڙڪن بحال ڪرڻ لاءِ طبي امداد ۽ سي پي آر ڏنو.

رات 2 لڳي 1 منٽ تي ڊائنا جي ايمبولينس اسپتال پهتي، پر سندس حالت انتهائي نازڪ هئي.

ڊاڪٽرن ڪوششون جاري رکيون، پر آخرڪار صبح 4 وڳي شهزادي ڊائنا کي فوت ٿيل قرار ڏنو ويو.

ڊائنا جي آخري رسمن جون تياريون

ڊائنا جي وفات جي خبر لنڊن تائين پهچڻ کانپوءِ سندس بٽلر پال بريل پيرس روانو ٿيو.

بريل پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته ڊائنا جي رهائشگاهه تي کيس ماءُ ٽريسا پاران ڏنل تسبيح نظر آئي، جيڪا حضرت عيسىٰ عليه السلام جي ننڍڙي مجسمي جي چوڌاري رکيل هئي.

بريل اها تسبيح پاڻ سان کڻي پيرس پهتو ۽ نرس کي درخواست ڪئي ته اها ڊائنا جي هٿ ۾ رکي وڃي.

هن برطانوي سفير جي گهرواري کان ڊائنا لاءِ ڪاري رنگ جي لباس ۽ جوتن جو انتظام پڻ ڪيو.

پرنس چارلس اسپتال پهتو

ڊائنا جي وفات کانپوءِ پرنس چارلس پنهنجي ٻن ڀينرن سان گڏ پيرس پهتو ۽ اسپتال وڃي ڊائنا جو آخري ديدار ڪيو.

ڊائنا جو مڙهه بعد ۾ برطانيا منتقل ڪيو ويو، جتي ان وقت جي وزيراعظم ٽوني بليئر سميت اهم شخصيتن سندس استقبال ڪيو.

لکين ماڻهن آخري سفر ۾ شرڪت ڪئي

6 سيپٽمبر 1997ع تي شهزادي ڊائنا جي آخري سفر جي شروعات ٿي. سندس جنازي واري جلوس دوران لنڊن جون گهٽيون لکين ماڻهن سان ڀرجي ويون.

ماڻهن اکين ۾ ڳوڙها کڻي شهزادي ڊائنا کي آخري الوداع ڪيو.

ان موقعي تي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿيل تقريب دوران مشهور گلوڪار ايلٽن جان ڊائنا کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں