سلمان مرزا ايشين گيمز جي اسڪواڊ مان ٻاهر، متبادل رانديگر جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر سلمان مرزا جاپان ۾ ٿيندڙ 2026 ايشين گيمز جي مردن واري ڪرڪيٽ اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي متبادل رانديگر جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) موجب سلمان مرزا کاٻي هٿ جي آڱوٺي ۾ فريڪچر سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿيو آهي.

پي سي بي موجب سلمان مرزا جي جاءِ تي فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر کي قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سلمان مرزا آڪٽوبر جي پهرين هفتي تائين مڪمل فٽنيس حاصل ڪري وٺندو.

ايشين گيمز ۾ مردن جي ٽي-20 ڪرڪيٽ مقابلن جي شروعات 24 سيپٽمبر کان ٿيندي.

10 ٽيمن تي ٻڌل مردن جي مقابلي ۾ ڀارت، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ ميزبان جاپان سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن، جڏهن ته نيپال، ملائيشيا، هانگ ڪانگ ۽ عمان ڪواليفائنگ مرحلو کيڏندا.

صاحبزاده فرحان جي قيادت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجو پهريون ڪوارٽر فائنل 28 سيپٽمبر تي ڪواليفائنگ ٽيم خلاف کيڏندي.

پاڪستان جي مردن واري ڪرڪيٽ ٽيم آچر ڏينهن ڪراچي ۾ گڏ ٿي وئي، جتي 21 کان 24 سيپٽمبر تائين حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ تربيتي ڪيمپ لڳندي.

پاڪستاني ٽيم 24 سيپٽمبر جي رات جاپان روانو ٿيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں