انگلينڊ هٿان ڪلين سوئيپ کان پوءِ پاڪستان ٽيم تي ڏنڊ، 11 پوائنٽس به ڪٽجي ويا

فہرستِ مضامین

انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هڪ ٻيو ڌڪ، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آخري ٽيسٽ ۾ سلو اوور ريٽ تي قومي ٽيم تي ميچ فيس جو 50 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ سي سي موجب پاڪستان ٽيم مقرر وقت دوران 11 اوور گهٽ ڪرايا، جنهن سبب ٽيم خلاف سلو اوور ريٽ جي ڪارروائي ڪئي وئي.

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم غلطي تسليم ڪري ورتي، جنهن کان پوءِ ڏنڊ جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي.

سلو اوور ريٽ سبب پاڪستان ٽيم کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ به نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. پاڪستان جا 11 پوائنٽس ڪٽيا ويا آهن.

واضح رهي ته انگلينڊ هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ پاڪستان ٽيم جي ٽيسٽ رينڪنگ به هڪ درجو وڌيڪ هيٺ اچي وئي آهي.

انگلينڊ خلاف ڪلين سوئيپ کان پوءِ پاڪستان ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي موجوده ٽيبل ۾ آخري نمبر تي پهچي وئي آهي، جنهن سان قومي ٽيم جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي بابت سوال وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں