عورتن جو ايشيا ڪپ: سريلنڪا پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

فہرستِ مضامین

عورتن جي ايشيا ڪپ 2026ع جي فائنل ۾ پاڪستان پهچڻ جو خواب سريلنڪا ٽوڙي ڇڏيو، دبئي ۾ کيڏيل ٻئي سيمي فائنل ۾ سريلنڪن ٽيم پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي مسلسل ٻيهر ڀيرو فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. هاڻي ايشيا ڪپ جي ٽائيٽل لاءِ سريلنڪا جو مقابلو ڀارت سان ٿيندو.

دبئي ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان جي ڪپتان فاطمه ثناءَ شاندار بيٽنگ ڪندي 36 بالن تي 47 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته شوال ذوالفقار 24 ۽ گل فيروزا 21 رنسون ٺاهيون.

سريلنڪا طرفان ڪپتان چماري اتاپٽو ۽ چامودي پرابودا 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته نيلڪشيڪا ۽ سُگنديڪا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

131 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ سريلنڪا جي شروعات سٺي نه رهي. پاڪستاني ڪپتان فاطمه ثناءَ هڪ ئي اوور ۾ ٻه وڪيٽون وٺي سريلنڪا تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو.

سريلنڪا صرف 40 رنسن تي 4 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو هو ته پاڪستان ميچ تي گرفت مضبوط ڪري ورتي آهي.

پر سريلنڪن بيٽرن شاندار مزاحمت ڪندي ميچ جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو.

سريلنڪا طرفان ڪويشا 33، هرشيتا 36، نيلڪشيڪا 18 ۽ ايميشا دلاني 24 رنسون ٺاهيون.

سريلنڪا جي ٽيم 18.4 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان طرفان فاطمه ثناءَ شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، پر سندس ڪوشش ٽيم کي فائنل تائين پهچائڻ لاءِ ڪافي ثابت نه ٿي.

سريلنڪا جي ڪاميابي سان عورتن جي ايشيا ڪپ 2026ع جو فائنل طئي ٿي ويو آهي.

ڀارت پهرين سيمي فائنل ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي اڳ ئي فائنل ۾ پهچي چڪو هو.

هاڻي ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ فائنل 13 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

سريلنڪا مسلسل ٻي ڀيرو فائنل ۾ پهچي چڪي آهي، جڏهن ته هاڻي سندس نظر ايشيا ڪپ جي ٽائيٽل تي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں