پشاور(ويب ڊيسڪ): خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ڪي پي پوليس کي پنجاب پوليس بڻجڻ نه ڏينداسين، عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
سهيل آفريدي جي صدارت هيٺ صوبي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ عوامي شڪايتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته جنوري کان آگسٽ تائين پوليس جي ڪمپليٽ سيل کي 3 هزار 551 شڪايتون مليون، جڏهن ته 498 شڪايتون قانوني پيچيدگين سبب قابلِ عمل نه هيون.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪمپليٽ سيل ذريعي عوام کي ملندڙ رليف بابت آگاهي ڏني وڃي، جيئن شهرين کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي واري نظام بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
سهيل آفريدي پشاور جي پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آف نرسنگ ۾ شاگردن جي احتجاج دوران هنگامي ۽ پوليس طرفان شاگردن تي مبينا تشدد واري واقعي جو پڻ نوٽيس ورتو.
هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته نرسنگ ڪاليج واري واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.