مصنوعي ذهانت جي تيز رفتار ترقي جتي دنيا لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي، اتي ان جي ممڪن خطرن بابت ماهرن جا خدشا به وڌي رهيا آهن. مشهور اي آءِ ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ 27 ورهين جي محقق جيڪب ڪاڪسن استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن طاقتور ۽ پاڻ کي بهتر بڻائيندڙ مصنوعي ذهانت تي ضابطو نه آندو ويو ته اها هن ڏهاڪي جي پڄاڻي تائين انسانيت لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
اوپن اي آءِ ۽ اينٿروپڪ ۾ تحقيق ڪندڙ جو اهم انڪشاف
جيڪب ڪاڪسن گذريل 3 سالن دوران اوپن اي آءِ ۽ اينٿروپڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي تربيت بابت تحقيق ڪئي. استعيفيٰ کانپوءِ سندس چوڻ هو ته ٻنهي ڪمپنين وچ ۾ انتهائي طاقتور ۽ پاڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائيندڙ اي آءِ تيار ڪرڻ جي ڊوڙ جاري آهي، جنهن دوران انساني زندگي کي درپيش خطرن کي نظرانداز ڪرڻ جو خدشو آهي.
اي آءِ ماهرن ۾ انسانيت جي خاتمي بابت خدشا
ڪاڪسن دعويٰ ڪئي ته مصنوعي ذهانت جي شعبي سان لاڳاپيل ڪيترائي اعليٰ عهديدار ۽ محقق ذاتي طور ان خدشي جو اظهار ڪندا رهيا آهن ته مستقبل جي طاقتور اي آءِ انسانيت جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي ڊوڙ سبب ڪمپنيون ترقي جو عمل جاري رکيون پيون اچن.
سپر انٽيليجنس سان ڪهڙو خطرو آهي؟
محقق موجب مستقبل ۾ انتهائي طاقتور مصنوعي ذهانت جا نظام سائبر حملن سميت مختلف شعبن ۾ انسانن کان وڌيڪ تيز ۽ طاقتور ٿي سگهن ٿا ۽ حقيقي دنيا جي وسيلن ۽ طاقت تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن اي آءِ محققن تي زور ڏنو ته اهڙا طاقتور نظام تيار ڪرڻ کان اڳ انهن جي سوچ، رويي ۽ مقصدن کي سمجهڻ لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا وڃن.
اي آءِ جي ترقي تي عارضي پابندي جي تجويز
ڪاڪسن جو چوڻ آهي ته خطرناڪ عالمي مقابلي کي روڪڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جي صلاحيتن ۾ اضافي تي عارضي پابندي جهڙن سخت قدمن تي پڻ غور ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.
اينٿروپڪ جي محقق به خدشن جي تائيد ڪري ڇڏي
اينٿروپڪ جي صف بندي واري تحقيق جي سربراهه ايوان هوبنگر پڻ ڪاڪسن جي خدشن جي تائيد ڪندي چيو آهي ته ڪمپني واقعي اهو سمجهي ٿي ته مصنوعي ذهانت مستقبل ۾ سڀني انسانن جي هلاڪت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
هن ذاتي اندازي موجب ايندڙ ڏهاڪي دوران اهڙي خطري جو امڪان 10 سيڪڙو کان وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو.
هوبنگر چيو ته اينٿروپڪ اي آءِ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پر سپر انٽيليجنس کي انساني مقصدن سان هم آهنگ رکڻ جو مسئلو اڃا مڪمل طور حل ناهي ٿيو.
موجوده اي آءِ کان وڌيڪ خطرو مستقبل جي سپر انٽيليجنس مان
هن موجب موجوده مصنوعي ذهانت جا نظام نسبتاً گهٽ خطرو رکن ٿا، اصل تشويش اهڙي سپر انٽيليجنس جي وجود ۾ اچڻ بابت آهي جيڪا پاڻ کي بار بار بهتر بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جڏهن ته ان شعبي ۾ اڳڀرائي توقع کان وڌيڪ تيزي سان ٿي رهي آهي.
ماهرن موجب جيڪب ڪاڪسن جو استعيفيٰ ۽ سندس خدشا مصنوعي ذهانت جي تيزي سان وڌندڙ ڊوڙ بابت عالمي سطح تي جاري بحث کي وڌيڪ تيز ڪري سگهن ٿا.