خاران (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر موجب، 6 ۽ 7 سيپٽمبر تي خاران ۽ واشڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، 6 سيپٽمبر تي خاران ۾ دهشتگردن روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو گهيرو ڪيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 7 سيپٽمبر تي واشڪ ۾ به آپريشن ڪيو ويو.
ترجمان موجب، واشڪ ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 2.9 ٽن ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو، جيڪو مبينا طور تي ديسي ساخت جا بم تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو هو.