لائیو وفاقي تعليمي بورڊ انٽر جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، ڇوڪريون هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وفاقي تعليمي بورڊ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، مختلف گروپن ۾ ڇوڪرين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي اڪثر ٽاپ پوزيشنون پنهنجي نالي ڪري ورتيون.

وفاقي تعليمي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر اڪرام علي ملڪ موجب، امتحان ۾ ڪاميابي جي مجموعي شرح 85.95 سيڪڙو رهي.

پري ميڊيڪل گروپ ۾ عمارا اظہر 1079 نمبر کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته محمد جهانزيب 1078 نمبرن سان ٻي ۽ سيده ايمان فاطمه 1076 نمبرن سان ٽئين نمبر تي رهي.

پري انجنيئرنگ گروپ ۾ ايمان ارجمند 1075 نمبر کڻي پهرين، زينب سميع 1070 نمبرن سان ٻي ۽ عنزه فاطمه 1068 نمبرن سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

ڪامرس گروپ ۾ اقصيٰ فاروق 1051 نمبر کڻي پهرين، عائزه افضل 1047 نمبرن سان ٻي ۽ آمنه آصف 1046 نمبرن سان ٽئين نمبر تي رهي.

هيومينيٽيز گروپ ۾ ايمان فاطمه 1007 نمبر کڻي پهرين، آمنه اظہر 1003 نمبرن سان ٻي، جڏهن ته يحيٰ فاضل ۽ عمير رضا 1002 نمبرن سان گڏيل طور ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں