اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برآمدن تي ٻڌل معاشي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ، توانائي جي لاڳت گهٽائڻ ۽ معاشي سڌارن کي تيز ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف ممتاز صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران برآمدن ۾ واڌ ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪاروباري برادري جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم چيو ته ملاقات جو مقصد برآمدن تي ٻڌل معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ بابت ڪاروباري برادري سان صلاح مشورو ڪرڻ آهي. حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته توانائي جي لاڳت گهٽائڻ به اهم ترجيحن ۾ شامل آهي.
شهباز شريف موجب ڏکين حالتن باوجود صلاح مشوري سان بنيادي معاشي سڌارا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايف بي آر هڪ سال دوران انفورسمنٽ ذريعي 800 ارب رپيا وصول ڪيا آهن.
وزيراعظم چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، پر مائيڪرو اڪنامڪ سطح تي بهتري لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، جيئن معاشي ترقي جا فائدا عوام تائين پهچي سگهن.
وزيراعظم برآمد ڪندڙن لاءِ سپر ٽيڪس مان ڇوٽ جي مدي ۾ واڌ واري معاملي جو جائزو وٺڻ جي هدايت پڻ ڪئي.