جتي ملڪ جو 95 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو ريگستان تي ٻڌل هجي، سالياڻي برسات 100 ملي ميٽر کان به گهٽ هجي ۽ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هليو وڃي، اتي 3 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪيئن ٿئي ٿو؟ سعودي عرب جديد ٽيڪنالاجي، سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ ۽ سوين ڪلوميٽر ڊگهي پائپ لائنن جي وسيع نظام ذريعي پنهنجي پاڻي جي ضرورت پوري ڪري رهيو آهي.
سعودي عرب ۾ پاڻي جا قدرتي وسيلا انتهائي محدود
سعودي عرب دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي پاڻي جا قدرتي وسيلا انتهائي محدود آهن. ملڪ جو 95 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو ريگستاني آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ سالياڻي برسات 100 ملي ميٽر کان به گهٽ ٿئي ٿي.
ٻئي طرف اونهاري جي موسم ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌي وڃي ٿو، جنهن سبب پاڻي جي ضرورت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي.
3 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ آبادي واري سعودي عرب ۾ وڏي آبادي ڳاڙهي سمنڊ ۽ خليج فارس جي ساحلي علائقن ۾ رهي ٿي، جڏهن ته ملڪ جو اندروني حصو وسيع ۽ خشڪ ريگستانن تي ٻڌل آهي.
سامونڊي پاڻي مان پيئڻ جو پاڻي
پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سعودي عرب ساحلي علائقن ۾ سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ جا وڏا پلانٽ قائم ڪيا آهن.
انهن پلانٽن ۾ سمنڊ مان وڏن پائپن ذريعي پاڻي حاصل ڪيو ويندو آهي، جنهن کي مختلف مرحلن مان گذاري صاف ڪيو ويندو آهي.
پهريان پاڻي کي ريت جي فلٽرن ۽ ڪيميائي عمل ذريعي صاف ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ ان کي انتهائي بارڪ فلٽرن مان گذاريو وڃي ٿو.
ان کانپوءِ پاڻي کي تقريبن 60 بار دٻاءَ سان مخصوص جھلين، يعني ريورس اوسموسس (Reverse Osmosis)، مان گذاريو ويندو آهي، جنهن سان پاڻي مان لوڻ ۽ ٻيون آلودگيون ڌار ٿي وڃن ٿيون.
صاف پاڻي شهرن تائين ڪيئن پهچي ٿو؟
سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته اهو پاڻي ساحلي علائقن کان ملڪ جي اندروني شهرن تائين ڪيئن پهچايو وڃي.
ان لاءِ سعودي عرب سوين ڪلوميٽر ڊگهي پائپ لائنن جو وسيع نيٽ ورڪ قائم ڪيو آهي، جيڪو صاف ڪيل پاڻي کي ساحل کان ريگستاني علائقن ۾ موجود شهرن تائين پهچائي ٿو.
اهي پائپ لائنون ريگستاني گرمي، واري ۽ زمين جي دٻاءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ مضبوط فولاد مان تيار ڪيون وينديون آهن.
رپورٽ موجب، ڪجهه وڏن پائپن جو قطر تقريبن 1.8 ميٽر تائين هوندو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي پائپن جي ڊيگهه 12 کان 18 ميٽر تائين هوندي آهي.
پائپ لائنون وڇائڻ کان اڳ انهن جي الٽراسونڪ ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي ۽ زنگ کان بچاءَ لاءِ خاص ڪوٽنگ پڻ ڪئي ويندي آهي.
جبل ۽ پٿر رڪاوٽ بڻجن ته ڇا ٿيندو؟
ريگستاني علائقن ۾ پائپ لائن وڇائڻ دوران ڪيترن ئي هنڌن تي جبل، چٽانون ۽ سخت زمين رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿيون.
اهڙين جڳهن تي جديد ماپ ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي محدود ڌماڪن ذريعي گهريون کڏون ٺاهي انهن ۾ پائپ وڇايا ويندا آهن.
پاڻي ۾ معدنيات ٻيهر شامل ڪيون وڃن ٿيون
سامونڊي پاڻي مان لوڻ ۽ آلودگي ختم ڪرڻ کانپوءِ ان کي سڌو سنئون پيئڻ لاءِ استعمال نٿو ڪيو وڃي.
پاڻي کي وڌيڪ مناسب بڻائڻ لاءِ ان ۾ ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جهڙيون ضروري معدنيات ٻيهر شامل ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته پاڻي جي تيزابيت جي سطح کي پڻ متوازن ڪيو ويندو آهي.
ان عمل کانپوءِ پاڻي کي پيئڻ ۽ روزاني استعمال لاءِ مناسب بڻايو ويندو آهي.
اربين ڊالرن جو مهانگو نظام
سعودي عرب لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ جو هي نظام يقيناً انتهائي مهانگو آهي. ڊگهي فاصلي تائين پائپ لائنون وڇائڻ، سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ جا وڏا پلانٽ قائم ڪرڻ ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ وڏي سيڙپڪاري گهربل هوندي آهي.
پائپ لائن جي تعمير تي في ڪلوميٽر لکين ڊالر خرچ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته وڏن سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن تي ڪروڙين ڊالرن جي سيڙپڪاري گهربل هوندي آهي.
سعودي عرب لاءِ پاڻي ڇو ايترو اهم آهي؟
سعودي عرب لاءِ سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ ۽ ان کي ڊگهي فاصلي تائين منتقل ڪرڻ رڳو هڪ مهانگو منصوبو نه، پر قومي ضرورت بڻجي چڪو آهي.
قدرتي مٺي پاڻي جي محدود وسيلن، گهٽ برسات ۽ وڌندڙ آبادي سبب سعودي عرب جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سمنڊ کي پنهنجي پاڻي جي فراهمي جو اهم ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
يعني جتي درياهه ۽ برسات پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن، اتي سعودي عرب سامونڊي پاڻي صاف ڪري، پائپ لائنن ذريعي ريگستان پار ڪرائي، لکين ماڻهن جي گهرن ۽ شهرن تائين پهچائي رهيو آهي.