لائیو وچ اوڀر جي جنگ به پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻي کي متاثر نه ڪري سگهي، پرڏيهي ناڻي ۾ ڪيتري واڌ ٿي؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): وچ اوڀر ۾ جاري جنگي صورتحال باوجود پاڪستانين طرفان پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آگسٽ 2026ع دوران سمنڊ پار پاڪستانين 3.7 ارب ڊالر جي رقم پاڪستان موڪلي، جيڪا جولاءِ جي ڀيٽ ۾ به وڌيڪ آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب آگسٽ ۾ موڪليل 3.7 ارب ڊالر جي رقم جولاءِ جي مقابلي ۾ 0.7 سيڪڙو، جڏهن ته آگسٽ 2025ع جي ڀيٽ ۾ 16.5 سيڪڙو وڌيڪ رهي.

مرڪزي بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران سمنڊ پار پاڪستانين مجموعي طور 7.3 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران 6.4 ارب ڊالر موصول ٿيا هئا.

اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ موڪليل رقم گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 14.7 سيڪڙو وڌي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں