لائیو سنڌ بار ڪائونسل جو سڀاڻي ”سنڌ يونٽي ڊي“ ملهائڻ ۽ عدالتن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ورهاڱي جي سازش خلاف سنڌ جي قانوني برادري سڀاڻي 10 سيپٽمبر تي ”سنڌ يونٽي ڊي“ ملهائڻ ۽ صوبي جي سمورين عدالتن جي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اشتياق احمد ميمڻ موجب سنڌ بار ڪائونسل سان گڏ سنڌ جون سموريون 52 بار ايسوسيئيشنز به ”سنڌ يونٽي ڊي“ ۾ حصو وٺنديون.

سياسي قيادت کي به شرڪت جي دعوت

وائيس چيئرمين اشتياق احمد ميمڻ چيو ته سنڌ بار ڪائونسل سياسي قيادت کي پڻ ”سنڌ يونٽي ڊي“ جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، جڏهن ته قانوني برادري سنڌ جي ورهاڱي خلاف پنهنجي موقف تي قائم آهي.

52 بار ايسوسيئيشنز جي شرڪت

سنڌ بار ڪائونسل موجب 5 سيپٽمبر تي ٿيل بار نمائندن جي ڪانفرنس ۾ 47 ضلعي ۽ تعلقه بار ايسوسيئيشنز سميت 5 هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس دوران سنڌ بار ڪائونسل جي 13 آگسٽ تي ٿيل فل هائوس اجلاس ۾ منظور ڪيل متفقه قرارداد جي پڻ مڪمل حمايت ڪئي وئي.

قرارداد ۾ چيو ويو ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ صوفي روايتون امن، رواداري ۽ مختلف قومن سان گڏجي رهڻ جي عڪاسي ڪن ٿيون، جڏهن ته سنڌ جي ورهاڱي جي بنياد نسل يا مذهب تي رکڻ جي سوچ ڪڏهن به نه رهي آهي.

اشتياق احمد ميمڻ چيو ته سنڌ کي انتظامي يونٽن يا نون صوبن ۾ ورهائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

ڪانفرنس ۾ وفاقي گهرو وزير جي تازن بيانن کي پڻ ”بدنيتي تي ٻڌل“ قرار ڏنو ويو. قانوني برادري جو موقف هو ته ملڪ ۾ قانون ۽ امن امان قائم رکڻ يا سرحدن جي حفاظت ۾ ناڪامي جو الزام سنڌ جي ورهاڱي سان لاڳاپيل معاملن ڏانهن منتقل نٿو ڪري سگهجي.

سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي قانوني برادري پاران وڌيڪ سرگرمين جو به اعلان ڪيو ويو آهي. 19 سيپٽمبر تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي ميزباني هيٺ آل سنڌ لائرز ڪنوينشن منعقد ٿيندو، جڏهن ته ان کانپوءِ پهرين آڪٽوبر تي حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جي ميزباني هيٺ ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ بار ڪائونسل ۽ سنڌ جون سموريون 52 بار ايسوسيئيشنز سڀاڻي 10 سيپٽمبر تي ”سنڌ يونٽي ڊي“ ملهائينديون ۽ عدالتن جي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪنديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں