ڪراچي (بيورو رپورٽ): جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڌرڻن دوران حڪومت رابطو ڪيو، پر اسان معذرت ڪئي، حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽائڻ لاءِ تجويزون گهريون آهن ۽ اسان سنجيده ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ان ڪري تجويزون ڏئي رهيا آهيون.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم ليوي جو عالمي مارڪيٽ سان ڪو تعلق ناهي، اها حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي.
هن چيو ته حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ مخالف ڌر جي سياسي پارٽين سان به رابطا ڪيا آهن، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ لاءِ قرارداد به منظور ڪري چڪي آهي.
حافظ نعيم الرحمان سوال ڪيو ته ڇا ماهر نٿا ڄاڻن ته پيٽروليم شين جون قيمتون ڪيئن گهٽائي سگهجن ٿيون؟
جماعت اسلامي جي امير چيو ته پيپلز پارٽي سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر هن مسئلي تي کيس حڪومت سان ڳالهائڻ گهرجي. ليوي ختم ڪرائڻ لاءِ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت سان رابطو ڪرڻو پيو ته اهو به ڪنداسين.