سنگاپور جي وزيراعظم لارنس وونگ جي پگهار ۾ 60 سيڪڙو واڌ کانپوءِ هو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پگهار وٺندڙ حڪومتي سربراهه بڻجي ويو آهي، سندس سالياڻي پگهار 36 لک سنگاپور ڊالر کان به وڌيڪ ٿي ويندي، جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ تقريبن 77 ڪروڙ رپين جي برابر آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن جي حڪومتي سربراهن کي ملندڙ پگهارن بابت هڪ دلچسپ رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن موجب سنگاپور جو وزيراعظم لارنس وونگ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سالياڻي پگهار حاصل ڪندڙ وزيراعظم آهي.
سنگاپور حڪومت تازو وزيرن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عهدن تي مقرر ماڻهن جي پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ان واڌ جو اثر وزيراعظم لارنس وونگ جي پگهار تي پڻ پوندو.
لارنس وونگ جي پگهار ڪيتري آهي؟
رپورٽ موجب، واڌ کان اڳ سنگاپور جي وزيراعظم لارنس وونگ جي سالياني پگهار 22 لک سنگاپور ڊالر هئي، جيڪا هاڻي تقريبن 60 سيڪڙو واڌ سان 36 لک سنگاپور ڊالر ٿي ويندي.
پاڪستاني ڪرنسي ۾ اها رقم تقريبن 77 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ سالياڻي بڻجي ٿي، جڏهن ته ماهوار حساب سان سندس پگهار لڳ ڀڳ ساڍا 6 ڪروڙ پاڪستاني رپيا ٿئي ٿي.
لارنس وونگ جو چوڻ آهي ته ايندڙ پنجن سالن دوران پگهار ۾ ٿيندڙ اضافي آمدني کي هو خيراتي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا.
حڪومت پگهارن ۾ واڌ ڇو ڪئي؟
سنگاپور حڪومت جو موقف آهي ته اعليٰ سرڪاري عهدن لاءِ بهترين ۽ قابل ماڻهن کي راغب ڪرڻ لاءِ مناسب پگهار ضروري آهي.
وزيراعظم لارنس وونگ جو چوڻ آهي ته ڪاروباري دنيا ۽ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سياست ۾ اچڻ لاءِ قائل ڪرڻ وقت معاشي نقصان به هڪ اهم عنصر بڻجي ٿو، تنهن ڪري سرڪاري عهدن جي پگهارن کي مناسب رکڻ ضروري آهي.
سنگاپور حڪومت ماضي ۾ اهو دليل پڻ ڏيندي رهي آهي ته وزيرن کي مناسب ۽ اعليٰ پگهار ڏيڻ سان ڪرپشن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي ٿي.
سنگاپور کانپوءِ ڪهڙي سربراهه جي پگهار وڌيڪ آهي؟
رپورٽ موجب، سنگاپور کانپوءِ هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي وڌيڪ پگهار حاصل ڪندڙ اڳواڻن ۾ شامل آهي، جنهن جي سالياني پگهار 7 لک 19 هزار آمريڪي ڊالر ٻڌائي وئي آهي.
جڏهن ته سوئٽزرلينڊ جي صدر گائي برنارڊ پارملن جي سالياني پگهار 6 لک 6 هزار آمريڪي ڊالر آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي پگهار ڪيتري آهي؟
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سالياڻي پگهار 4 لک آمريڪي ڊالر آهي.
ٻئي طرف برطانيا جي وزيراعظم اينڊي مرے جي سالياڻي پگهار 2 لک 30 هزار آمريڪي ڊالر ٻڌائي وئي آهي.
انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي صدر جي پگهار سنگاپور جي وزيراعظم جي پگهار جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر کي سرڪاري رهائش، سفر ۽ ٻين ڪيترين ئي سرڪاري سهولتن کان علاوه مختلف مراعتون پڻ حاصل ٿين ٿيون.
سنگاپور ۾ پگهارن ۾ واڌ تي تنقيد
وزيرن ۽ وزيراعظم جي پگهارن ۾ واڌ جي فيصلي تي سنگاپور اندر تنقيد پڻ ٿي رهي آهي. نقادن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ روزگار جي موقعن ۾ گهٽتائي جا خدشا موجود آهن، تنهن ڪري حڪومتي نمائندن جي پگهارن ۾ وڏي واڌ عام شهرين لاءِ سوال پيدا ڪري ٿي.
رپورٽ موجب، سنگاپور ۾ عام شهرين جي سراسري ماهوار آمدني تقريبن 5,775 ڊالر آهي، جڏهن ته وزيرن جي پگهار ان جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي.
بهرحال، ڪجهه ماڻهو حڪومت جي فيصلي جي حمايت پڻ ڪن ٿا ۽ سندن موقف آهي ته جيڪڏهن ملڪ لاءِ بهترين ۽ قابل ماڻهو چونڊڻا آهن ته انهن کي مناسب معاوضو ڏيڻ ضروري آهي.
ڪارڪردگي سان پگهار ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان
وزيراعظم لارنس وونگ موجب، مستقبل ۾ وزيرن جي پگهارن ۾ وڌيڪ واڌ ڪارڪردگي، ملڪ جي معاشي ترقي ۽ روزگار جي صورتحال جهڙن عنصرن سان ڳنڍيل هوندي.
سنگاپور حڪومت جو خيال آهي ته اعليٰ پگهارن واري نظام جو مقصد صرف سرڪاري آفيسرن کي وڌيڪ رقم ڏيڻ نه، پر قابل ماڻهن کي سياست ۽ حڪومتي ذميوارين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي امڪانن کي گهٽائڻ پڻ آهي.
اهڙي ريت سنگاپور جو وزيراعظم لارنس وونگ هن وقت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پگهار حاصل ڪندڙ حڪومتي سربراهن ۾ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سالياني پگهار 4 لک ڊالر آهي.