ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪاروباري ماڻهو ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ صوبن جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ٿيڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

فہرستِ مضامین

لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صوبن جي معاملي تي بزنس فورمن بدران قومي اسيمبلي ۾ باقاعده بحث ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته صوبن بابت پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي، جيڪڏهن موجوده نظام ناڪام ٿيو آهي ته ان جا سبب ۽ حل قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ذريعي سامهون اچڻ گهرجن.

هن چيو ته پاڪستان جا مسئلا ڪنهن هڪ سياسي جماعت جي وس جي ڳالهه ناهي، ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۽ پارلياماني نظام ۾ آهي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته محسن نقوي کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي، پر سندس مطالبو آهي ته صوبن جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو وڃي. هن چيو ته محسن نقوي پارليامينٽ ۾ گهٽ ايندا آهن، کيس بزنس فورم بدران پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ جي قسمت جا فيصلا صرف چند ڪاروباري ماڻهو ڪن؟ سڀني سياسي پارٽين کي قومي ۽ عوامي معاملن تي سنجيدگي سان شامل ٿيڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته نظام ۾ جيڪي به مسئلا آهن، انهن تي کليل ۽ تفصيلي بحث ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ کي درپيش مسئلن جو حقيقي حل ڳولي سگهجي.

آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته کيس چونڊن تي تحفظات آهن. پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته چونڊ سڌارن لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ايندڙ چونڊون صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون بڻايون وڃن.

هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، سو ٿيو، پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايندڙ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ مؤثر چونڊ سڌارا ڪيا وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں