لائیو سنڌ اسيمبلي ۾ اهم فيصلا، 2 ترميمي بل منظور، علي خورشيدي جي معافي، لوڪل گورنمينٽ بل تي ڪميٽي قائم

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ آبڪاري ترميمي بل 2026ع ۽ صوبائي موٽر وهيڪل ترميمي بل 2026ع منظور ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم لاءِ 12 رڪني خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪندي. اجلاس دوران گهٽ ۾ گهٽ اجرت، مزدورن جي اسڪولن، ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن، ٽرانسپورٽ جي صورتحال ۽ صوبا ٺاهڻ واري معاملي تي به حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ بحث ٿيو.

سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر نجم مرزا ڪورم جي نشاندهي ڪئي.

صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته بيل وڄائي پنج منٽن کانپوءِ ڳڻپ ڪرائي وڃي.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پنج منٽن کانپوءِ ڪورم جي ڳڻپ ڪرائي ويندي.

سوالن واري وقفي دوران صوبائي وزير محنت سعيد غني ٻڌايو ته ليبر ڊپارٽمينٽ تحت هلندڙ اسڪول ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ماتحت آهن.

21 اسڪول ۽ 2 ڪاليج هلندڙ آهن، جن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

ايم پي اي فوزيه حميد سوال ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت وارو بورڊ ٺاهڻ ۾ دير ڇو ڪئي وئي؟

سعيد غني چيو ته بورڊ ٺاهڻ جي ڪابينا منظوري ڏئي ٿي، جڏهن ته اجلاس جا منٽس جاري ٿيڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو آهي.

سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ 78 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿي آهي.

هن چيو ته مجموعي طور 2031 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي ڏنڊ به لڳايا ويا آهن.

سعيد غني چيو ته ايڇ آءِ وي ڪيس ۾ غفلت ڪندڙ سمورن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته متاثر ٻارن لاءِ اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ متاثر خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو آهي.

ايم پي اي محمد فاروق چيو ته اڃا تائين ڪميٽي ناهي ٺاهي وئي ۽ 9 ٻار فوت ٿي چڪا آهن.

سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته هن پهرين ئي پريس ڪانفرنس ۾ ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو ۽ چيو هو ته ذميوارن کي نوڪري مان ڪڍي جيل ۾ وڌو ويندو.

هن چيو ته ڪارروائي جاري آهي، پر قانوني طريقيڪار تحت ڪئي پئي وڃي.

سعيد غني موجب سنڌ حڪومت صحت کاتي ذريعي ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرائي، جنهن سبب مريضن جو انگ وڌندو ويو، جڏهن ته 89 ٻار سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ آهن.

سعيد غني چيو ته حڪومت ڪارروائي ڪري ماڻهن کي هٽائي ٿي، پر عدالتون انهن کي بحال ڪري ڇڏين ٿيون.

هن چيو ته حڪومت ڪميٽي قائم ڪئي، پر عدالت ان کي معطل ڪري ڇڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ سوشل سيڪيورٽي وٽ ايندڙ پئسن جو اين ايف سي سان ڪو تعلق ناهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جي عورتن جي ميڪ اپ ۽ لباس بابت ڏنل بيان تي پيپلزپارٽي جي عورت ايم پي ايز احتجاج ڪيو.

ايم پي اي سعديا جاويد چيو ته اسان ڪهڙا ڪپڙا پايون ٿا ۽ ميڪ اپ ڪري اچون ٿا، ان تي علي خورشيدي کي ڳالهائڻ نه گهرجي ها.

ايم پي اي ڪرن خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کان وڊيوز ٺاهڻ تي معافي گهري وئي هئي، جنهن تي علي خورشيدي به وڊيوز ٺاهڻ جو ذڪر ڪيو.

صوبائي وزير شاهينا شير علي چيو ته ايوان کي تفريح گاهه قرار ڏنو ويو، جڏهن ته عورتون حڪومتي ۽ اپوزيشن بينچن تي ويهي سڀني معاملن تي ڳالهائين ٿيون.

علي خورشيدي چيو ته هڪ غير اهم معاملي کي اهم بڻايو پيو وڃي ۽ هو ڪنهن به قسم جي تلخي پيدا ڪرڻ نٿو چاهي.

هن چيو ته هن صرف عورتن نه پر مرد ميمبرن پاران ايوان ۾ وڊيو ٺاهڻ جي ڳالهه به ڪئي هئي ۽ اسپيڪر کي ان حوالي سان فهرست پڻ ڏني هئي.

علي خورشيدي چيو تہ جيڪڏهن منهنجي ڀينرن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي

سنڌ اسيمبلي ۾ ٽرانسپورٽ بابت ڳالهائيندي ايم پي اي قرۃ العين خان چيو ته هاءِ ايس ويگنن ۾ مسافرن کي ڇتن تي ويهاريو وڃي ٿو.

هن چيو ته ويگنن ۾ انساني جانيون محفوظ ناهن ۽ ڪنهن به انسان جي جان وڃائڻ افسوسناڪ هوندو.

قرۃ العين خان چيو ته ٽرانسپورٽ وارو وزير هر معاملي تي وفاق جو ذڪر ڪري ٿو.

سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ننڍين ويگنن جي حوالي سان ڪافي بهتري آندي وئي آهي ۽ ويگنن خلاف سخت قدم کنيا ويا آهن.

هن چيو ته ننڍين ويگنن مان سي اين جي ختم ڪئي وئي آهي ۽ ڊسٽرڪٽ انفورسمنٽ قائم ڪئي وئي آهي.

فائر سيفٽي بابت به انتظام ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ بسن تي لکين رپين جا ڏنڊ لڳايا ويا آهن.

شرجيل ميمڻ موجب شهر ۾ سهراب ڳوٺ تائين مفت شٽل سروس پڻ هلي رهي آهي.

هن مسافرن کي به احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير قانون ضياءَ الحسن لنجار پاران سنڌ آبڪاري ترميمي بل 2026ع پيش ڪيو ويو.

صوبائي وزير چيو ته انگريز دور جي آبڪاري قانون ۾ تبديلي آڻي کاتي کي وڌيڪ اختيار ۽ مضبوط بڻائڻ مقصد آهي.

سنڌ اسيمبلي سنڌ آبڪاري ترميمي بل 2026ع منظور ڪري ورتو.

سنڌ اسيمبلي ۾ پراونشل موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ ترميمي بل پڻ پيش ڪيو ويو، جيڪو قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار ايوان ۾ پيش ڪيو.

صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ٻڌايو ته ترميم ڪار ڊيلرز بابت آهي.

اڳ گاڏي هڪ مهيني اندر رجسٽرڊ نه ڪرائڻ تي ڏنڊ لاڳو ٿيندو هو، هاڻي شوروم ۾ بيٺل گاڏي تي ڇهن مهينن تائين ڏنڊ لاڳو نه ٿيندو.

گاڏي روڊ تي اچڻ کانپوءِ قانون موجب ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو.

سنڌ اسيمبلي صوبائي موٽر وهيڪل ترميمي بل 2026ع به منظور ڪري ورتو.

سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويو.

بل کي 12 رڪني خصوصي ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.

ڪميٽي ۾ صوبائي وزير سعيد غني، هير سوهو، سمعيتا افضل، فاروق ۽ طاحا احمد سميت ٻيا ميمبر شامل آهن.

ڪميٽي هڪ هفتي اندر بل بابت رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.

سعيد غني چيو ته جڏهن سنڌ اسيمبلي صوبن بابت قرارداد منظور ڪئي ته ايم ڪيو ايم هلي وئي ۽ پي ٽي آءِ موجود نه هئي.

هن چيو ته سلمان اڪرم راجا ۽ حافظ نعيم الرحمان به صوبن جي حق ۾ ناهن.

جيڪڏهن ايم ڪيو ايم صوبن جي ورهاست خلاف آهي ته کلي اعلان ڪري: سعيد غني

هن چيو ته ايوان ۾ فيصلي جي گهڙي آئي ته ايم ڪيو ايم راهه فرار اختيار ڪئي.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٻاهر ويٺل ماڻهن جا بيان مختلف آهن، جڏهن ته ايوان ۾ فيصلو ڪرڻ وقت انهن جو موقف سامهون نه آيو.

سعيد غني چيو ته مصطفىٰ ڪمال جو اهو بيان به اسيمبلي ۾ هلائڻ گهرجي، جنهن ۾ هن خالد مقبول صديقي بابت پاسپورٽ جي حوالي سان الزام لڳايو هو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياسي حيثيت صفر آهي ۽ سندس چوڻ موجب سموريون سيٽون ايم ڪيو ايم کي کٽرايون ويون.

سعيد غني چيو ته ڪنهن هڪ فرد جي بيان سان ڪو فرق نٿو پوي، سنڌ اسيمبلي پنهنجي قرارداد منظور ڪري چڪي آهي.

جماعت اسلامي جي ايم پي اي فاروق احمد پنهنجي تڪ ۾ کليل نالن ۽ گٽرن جو معاملو ايوان ۾ اٿاريو.

هن چيو ته عظيم پورا ۾ نالي ۾ ڪچرو ڦاٿل آهي، جتي هڪ ايڪسيويٽر به گٽر ۾ ڪري پيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته برسات دوران علائقي ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هو.

صوبائي وزير قاسم سومرو جواب ڏيندي چيو ته اهو معاملو ڪي ايم سي جي ذميواري آهي، تنهن هوندي به ڪافي حد تائين مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ باقي مسئلو به حل ڪيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں